پاڪستان ۾ ترسيل افغان پناهگيرن جي رهائش جو مدو ختم: 6 مهينا واڌ جي تجويز

جُولاءِ 2, 2023

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان ۾ ترسيل لکين افغان مهاجرين جي رهائش جو مدو ختم ٿيڻ بعد گهرو وزارت پاران 6 مهينا واڌ جي تجويز ڏني وئي آهي، وزيراعظم شهباز شريف وفاقي ڪابينا جو اجلاس سڀاڻي 3 جولاءِ تي طلب ڪري ورتو آهي

 ذريعن مطابق وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ 9 نقاطي ايجنڊا تي غور ڪيو ويندو، افغان مهاجرن جي پاڪستان ۾ رهڻ جي مدت ۾ توسيع به ايجنڊا جو حصو هوندي، افغان مهاجرن جي ٻن سالن جي واڌ 30 جون تي ختم ٿي وئي هئي

 ذريعن جو چوڻ آهي ته گهرو وزارت 6 مهينن جي واڌ جي تجويز ڏني آهي، ايڇ اي سي ترميمي بل به ايجنڊا ۾ شامل هوندو، قومي اسپورٽس جي پنج سالن جي پاليسي جي منظوري جو به امڪان آهي، جڏهن ته اسلام آباد ۾ ڪچرو کڻڻ جو منصوبو به ايجنڊا جو حصو آهي

 واضح رهي ته ساڍا 7 لک افغان مهاجر ڪيڏانهن ويا؟ انهن جي ڳولا شروع ڪئي وئي آهي، افغان مهاجرن جي نادرا ۽ ايف آءِ اي ۾ موجود ڊيٽا ٿاڻن کي ڏيڻ جو به فيصلو ڪيو ويو هو ، گهرو وزارت غير رجسٽرڊ افغان مهاجرن کي فارين ايڪٽ تحت گرفتار ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي

گرفتار ڪندڙ پوليس افغان مهاجرن کي پاڻ سرحد تي وٺي وڃي بي دخل ڪندي،  2006ع کان 2023ع تائين 35 لک 7 هزار 295 افغانين رجسٽريشن ڪرائي

نادرا جي رڪارڊ موجب 13 لک 3 هزار 636 افغان شهري پنهنجي وطن واپس ويا، 7 لک 42 هزار 942 افغان شهري رجسٽريشن رينيو ڪرائڻ نه آيا، “غائب” ٿيل افغان شهرين جي غيرقانوني سرگرمين ۾ ملوث هجڻ جو خدشو آهي، قانوني پروف آف رجسٽريشن رکندڙن جو تعداد 14 لک 60 717 آهي

هوڏانهن سوشل ميڊيا تي افغانين جي نيڪالي لاءِ مهم پڻ هلائي پئي وڃي، سنڌ مان افغاني شهرين کي پنهنجي وطن واپس موڪلڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي

Leave A Comment