پاڪستان ۾ سريلنڪا وارو ڪم ٿيڻو آهي، عوام روڊن تي نڪري، سينيٽ چونڊن ۾ به پئسو هلندو:عمران

مارچ 13, 2024

راولپنڊي(پنهنجي ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۾ سريلنڪا جهڙي صورتحال شروع ٿيڻ واري آهي، مهانگائي ۾ رڪارڊ واڌ سبب عوام روڊن تي ايندو

 اڊيالا جيل ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته  سڀ ڪجهه ڪوڙ تي هلي رهيو آهي، عام چونڊون ڪوڙيون ٿيون، ادارن جي ساک ختم ڪئي وئي، سيڪيورٽي ٿريٽ جو چيو پيو وڃي. اهو سڀ ڪجهه ڪوڙ آهي، سمورو ملڪ ڪوڙ تي هلي رهيو آهي

هن چيو ته سمورا ادارا تباهه ٿي چڪا آهن، چونڊن ۾ پي ٽي آءِ کي ميدان ۾ اچڻ نه ڏنو ويو، ووٽرز چونڊن واري ڏينهن تحريڪ انصاف کي رڪارڊ ووٽ ڏئي مخالفن کان بدلو ورتو، پر ووٽ جي ذريعي آيل تبديلي کي مڃيو نه ويو، هنن مينڊيٽ ڦري قوم جون اميدون ختم ڪري ڇڏيون آهن

پي ٽي آءِ باني چيو ته منهنجون سموريون اڳڪٿيون سچ ثابت ٿيون  آهن هاڻ به ٻڌائي رهيو آهيان ته پاڪستان ۾ سريلنڪا وارو ڪم شروع ٿيڻ وارو آهي، هاڻ ملڪ  ۾ عام واهپي جي شين ۾ رڪارڊ اضافو ٿيندو جنهن سبب عوام مجبور ٿي روڊن تي نڪرندو

عمران خان وڌيڪ چيو ته ڪنهن سان به ڳالهيون نه ٿي رهيون آهن، منهنجي ته وڪيلن سان به ملاقات بند ڪئي وئي آهي، عام چونڊن ۾ ڌانڌلي جي خلاف اسان جو پرامن احتجاج جو سلسلو جاري رهندو، اسان چونڊن ۾ ڌانڌلي جي خلاف سپريم ڪورٽ به وينداسين

Leave A Comment