پاڪستان ۾ شادي ڪندڙ افغان شهري کي پي او سي ڏيڻ لاءِ مهينو مهلت

آڪٽوبر 16, 2023

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ايڊيشنل اٽارني جنرل عامر رحمان افغان ڄائي ڊينمارڪ جي شهري کي پي او سي ڪارڊ ڪرڻ واري ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ کان هڪ مهيني جي مهلت گهري ورتي

چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ڏنا ته ڇا درخواستگذار تخريبڪاري ۾ ملوث آهي؟ جنهن کي دل چوي پاڪستان اچڻ ڏيو ٿا جنهن کي دل چوي روڪيو ٿا

 نادرا جي وڪيل ٻڌايو ته درخواستگذار پي او سي ۾ واڌ جي درخواست ڏني هئي پر ادارن جي مخالفت سبب واڌ نه ٿي، پي او سي ڪارڊ انهن غيرملڪين کي ڏنو ويندو آهي جن جي شادي پاڪستان ۾ ٿي هجي، ڀارت يا ڪنهن دشمن ملڪ سان تعلق رکندڙ کي ڪارڊ جاري ناهي ٿيندو

ايڊيشنل اٽارني جنرل ٻڌايو ته درخواستگذار جي ڀيڻ ۽ ڀاءُ ڪابل ۽ لوگر ۾ رهندا آهن

چيف جسٽس چيو ته اوهان پاڻ به طورخم ۽ چمن بارڊر تي وڃي ڏسو ڇا ٿي رهيو آهي، پئسن جو ڌنڌو هتي نه ڪريو

جسٽس اطهر من الله چيو ته درخواستگذار جي گهرواري ۽ ٻار پاڪستان ۾ موجود آهن، اٽارني جنرل خاطري ڪرائي ته ايندڙ ٻڌڻي تائين ملڪ مان نيڪالي نه ڏني ويندي

ٻڌڻي دوران مداخلت تي درخواستگذار حيات الله کي چيف جسٽس ڇنڊ پٽي، درخواستگذار جي گهرواري کان پڇا ڪئي ته ڇا حيات الله گهر ۾ اوهان جي ڳالهه ٻڌندو آهي؟ اسان جي ته نٿو ٻڌي

عورت جواب ڏنو ته گهر ۾ منهنجي ڳالهه ٻڌندو آهي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته جيستائين هي وفادار صاحب اوهان سان وفادار آهي ملڪ ۾ رهي سگهي ٿو، ٻڌڻي مهيني لاءِ ملتوي ڪئي وئي

Leave A Comment