پاڪستان ۾ عام چونڊن بابت پرڏيهي مبصرن جا ڪيترائي بيان حقيقت تي ٻڌل نه آهن: پرڏيهي وزارت جي ترجمان زهره بلوچ

فيبروري 15, 2024

پاڪستان ۾ عام چونڊن بابت پرڏيهي مبصرن جا ڪيترائي بيان حقيقت تي ٻڌل نه آهن، پاڪستان هڪ جمهوري ملڪ آهي جتي عوام کي اظهار راءِ جي آزادي آهي: پرڏيهي وزارت جي ترجمان زهره بلوچ جي ميڊيا کي هفتيوار بريفنگ، پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته اليڪشن ڪميشن جو ادارو سموري چونڊ عمل جي نگراني ڪري رهيو هو، دولت مشترڪه جي وفد به چونڊ عمل جي شفافيت جي ڳالهه ڪئي، چونڊن بابت ميڊيا جي رپورٽس تي اسان نه ڳالهائينداسين، ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي کي نئين حڪومت جي حلف برداري تقريب ۾ شرڪت جي دعوت ڏيڻ بابت سوال تي زهره بلوچ چيو ته اهو معاملو اڃا وقت کان اڳ آهي، ان بابت فيصلو نئين ايندڙ حڪومت ڪندي، پاڪستان ۾ دهشتگرديءَ جي وڌندڙ خطرن کان آگاهه آهيون، افغانستان ۾ دهشتگردن جي محفوظ پناهگاهن تي پاڪستان کي خدشا آهن، جڏهن به دهشتگردن بابت تصديق ٿيل اطلاع ملندا اسان ڪارروائي ڪنداسين

Leave A Comment