| پاڪستان ۾ نوان آبي ذخيرا ٺاهڻا پوندا: رٿابندي وزير |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته موسمياتي تبديلي هاڻي هڪ حقيقت بڻجي چڪي آهي ۽ منهن ڏيڻ لاءِ روايتي طريقن بدران سائنسي ۽ گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻ لازمي ٿي چڪو آهي. اسلام آباد ۾ ٿيل ٽيڪنيڪل ورڪشاپ کي خطاب ڪندي احسن اقبال چيو ته 2022 جي ٻوڏ سنڌ ۽ بلوچستان ۾ وڏي پيماني تي تباهي ڪئي، جنهن سان انهن علائقن جي معيشت ۽ سماجي ڍانچي کي سخت نقصان پهتو. بلوچستان ۾ موسمياتي خطرن سان منهن ڏيڻ لاءِ عالمي بئنڪ جي سهڪار سان 400 ملين ڊالر جو پروگرام شروع ڪيو ويو آهي، جنهن تحت انفراسٽرڪچر جي بحالي، روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۽ موسمياتي لچڪ وڌائڻ جا قدم کنيا ويندا. وفاقي وزير پاڪستان کي پاڻي جي بحران تي به ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ته ملڪ ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي صلاحيت تمام گهٽ ٿي وئي آهي ۽ نوان آبي ذخيرا ٺاهڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. ورڪشاپ ۾ ملڪي ۽ غير ملڪي ماهرن، پاليسي سازن ۽ شاگردن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي، جتي موسمياتي تبديلي، جديد ٽيڪنالاجي ۽ پاڻي جي بهتر انتظام تي زور ڏنو.