پاڪستان ۾ نگران حڪومت کان اڳ دبئي ٻيهر سياسي سرگرمين جو مرڪز بڻجي ويو، نواز، زرداري ۽ بلاول دبئي پهتل

جُولاءِ 23, 2023

ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) پاڪستان ۾ عبوري حڪومت ٺهڻ کان اڳ دبئي هڪ ڀيرو ٻيهر سياسي سرگرمين جو مرڪز بڻجي ويو، نواز شريف، آصف زرداري ۽ بلاول دبئي خيما کوڙي ڇڏيا آهن

اڳوڻي صدر آصف زرداري کان پوءِ نواز شريف به دبئي جي ياترا تي پهچي ويو، ذريعن موجب اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف سعودي عرب کان واپس دبئي پهچي ويو

اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري به دبئي ۾ خيما کوڙي ڇڏيا آهن، گذريل ڏينهن آصف زرداري خصوصي جهاز ذريعي دبئي پهتو هو

اڳوڻي صدر جون دبئي ۾ اهم سياسي ملاقاتن جو امڪان آهي، آصف زرداري ڪجهه ڏينهن  دبئي ۾ ترسڻ بعد وطن واپس ايندو، نواز شريف سان ملاقات بعد مريم نواز رات دير سان وطن واپس پهچي وئي

ذريعن موجب مسلم  ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽيءُ جي قيادت وچ ۾ نگران سيٽ اپ تي اهم مشاورت جا امڪان آهن

Leave A Comment