پاڪستان ۾ هڪ ڪروڙ ٻار مزدور
جُون 12, 2025
اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) اڄ ٻارن جي پورهئي جي خاتمي جو عالمي ڏينهن آهي. ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ترقي پذير ملڪ ٻارن جي مزدوري کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿين ٿا، ۽ پاڪستان ٻارن جي مزدوري جي خاتمي لاءِ اثرائتي قانون سازي ڪئي آهي.
هن چيو ته حڪومت غذائيت ۽ تعليمي پروگرام شروع ڪيا آهن، ۽ ڊينش اسڪول سسٽم ٻارن لاءِ هڪ محفوظ تعليمي ماحول فراهم ڪري رهيو آهي.
شهباز شريف وڌيڪ چيو ته سڀني اسٽيڪ هولڊرز کي ٻارن جي مستقبل کي محفوظ بڻائڻ لاءِ حڪومت سان گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته ٻارن کي تعليم ڏيڻ قومي ترقي جي ضمانت آهي.
ان دوران، انساني حقن جي تنظيمن موجب، ٻارن جي مزدوري جا مکيه سبب غربت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي کوٽ آهن، جڏهن ته پاڪستان ۾ هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ ٻار ڪم ڪرڻ تي مجبور آهن.
ٻارن جي پورهئي جي خاتمي لاءِ عزم مضبوط آهي: مراد علي شاهه
هوڏانهن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته ٻارن جي پورهئي جي خاتمي لاءِ اسان جو عزم مضبوط آهي
چائلڊ ليبر جي خاتمي لاءِ اسڪول داخلا مهم کي موثر بڻايو آهي، وڏي وزير جو ٻارن جي پورهئي خلاف عالمي ڏينهن تي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته
چائلڊ ليبر خلاف قانونن تي سختيسان عملدرآمد کي يقيني بڻايو پيو وڃي، ٻارن کان پورهيو ڪرائڻ ڏوهه آهي، ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف ڪارروايون ٿينديون