پاڪستان ۾ ڪهڙا نگران وزيراعظم ڪيترو عرصو رهيا ؟

آگسٽ 12, 2023

ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) پاڪستان ۾ اٺون نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ کي مقرر ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي پر ان کان اڳ 7 نگران وزيراعظم رهي چڪا آهن

پهريون نگران وزيراعظم غلام مصطفيٰ جتوئي هو جيڪو 6 آگسٽ 1990ع کان 6  نومبر 1990ع تائين يعني 3 مهينا ان عهدي تي رهيو ۽ سندس تعلق نيشنل پيپلزپارٽي سان هو

ٻيو نگران وزيراعظم بلخ شير مزاري هو، جيڪو 18 اپريل کان 26 مئي 1993ع تائين رهيو، هڪ مهينو 8 ڏينهن عهدي تي رهيو، سندس تعلق پاڪستان پيپلزپارٽي سان هو

ٽيون نگران وزيراعظم معين الدين قريشي هو جيڪو 18 جولاءِ کان 19 آڪٽوبر 1993ع تائين 3 مهينا 1 ڏينهن نگران وزيراعظم جي عهدي تي رهيو، چوٿون نگران وزيراعظم ملڪ معراج خالد هو جيڪو 5 نومبر 1996ع کان 17 فيبروري 1997ع تائين 3 مهينا 12 ڏينهن عهدي رهيو

پنجون نگران وزيراعظم محمد ميان سومرو بڻيو هو جيڪو 15 نومبر 2007ع کان 25 مارچ 2008ع تائين يعني 4 مهينا 8 ڏينهن عهدي تي رهيو ۽ سندس تعلق پاڪستان مسلم ليگ ق سان هو

ڇهون نگران وزيراعظم مير هزار خان کوسو ٿيو هو جيڪو 24 مارچ 2013ع کان 5 جون 2013ع تائين 2 مهينا 11 ڏينهن عهدي تي رهيو، ستون نگران وزيراعظم جسٽس رٽائرڊ ناصر الملڪ هو جيڪو 31 مئي 2018ع کان 18 آگسٽ 2018ع تائين 2 مهينا 18 ڏينهن عهدي تي رهيو

انوار الحق ڪاڪڙ اٺون نگران وزيراعظم ٿيڻ وارو آهي، وزيراعظم شهباز شريف ۽ اپوزيشن ليڊر راجا رياض سندس نالي تي اتفاق ڪري ورتو آهي

Leave A Comment