پاڪستان ۾ 130 سالن دوران آيل سامونڊي طوفان ۽ نقصان

جُون 14, 2023

ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ)پاڪستان ۾ گذريل 130 سالن دوران ڪيترائي  سامونڊي طوفان اچي چڪا آهن جن ۾ وڏو جاني ۽ مالي نقصان ٿيو، اهڙا تفصيل سامهون اچي چڪا آهن

تحقيق مان خبر پوي ٿي ته 1947ع جي ورهاڱي کانپوءِ پاڪستان جو حصو بڻجندڙ علائقن اندر ماضي جي رڪارڊ موجب 10 جولاءِ 1894ع ۾ سامونڊي طوفان آيو هو جيڪو سنڌ ۾ داخل ٿيو هو، ان بعد ٻئي سال بلوچستان جي مڪران واري ساحلي پٽي ۾ سامونڊي طوفان آيو جنهن تباهي مچائي،

پاڪستان جي  موسميات کاتي موجب سامونڊي طوفان مئي 1901ع بلوچستان، مئي 1902ع ڪراچي ،جون 1906، جون 1907ع سيپٽمبر 1926ع ۾ ڀارتي گجرات مان پاڪستان جي ساحلي پٽي ۾ داخل ٿيو هو،

جون 1936ع، جولاءِ 1936ع، جولاءِ 1944ع ۾ آيل سامونڊي طوفان ۾ ڪراچي ۾ 10 هزار کان مٿي ماڻهو بي گهر ٿيا هئا.

موسميات کاتي جو وڌيڪ چوڻ آهي ته جون 1948ع ۽ جون 1964ع ۾ ٿرپارڪر ۽ حِيدرآباد سامونڊي طوفان  سبب  تمام گهڻا متاثر ٿيا جنهن ۾ 450 ماڻهو فوت ۽ 4 لک کان وڌيڪ ماڻهو بي گهر ٿيا نقصان جو ڪاٿو 4.1 ملين ڊالر لڳايو ويو هو.

ڊسمبر 1965ع ۾ ڪراچي ۾ آيل سامونڊي طوفان به وڏي تباهي آندي هئي جنهن ۾ 10 کان 15 هزار ماڻهو اجل جو شڪار بڻيا، 1970ع ۾ اوڀر پاڪستان ۾ آيل طوفان ۾ پڻ 5 لک ماڻهو فوت ٿيا هئا، نومبر 1993ع ۾ هڪ ساموندي طوفان سنڌ ۽ گجرات جي سرحد ويجهو منتشر ٿيو هو جيڪو ڪراچي ۾ طوفاني برسات ۽ ٻوڏ جو سبب بڻيو

سال 1999ع ۾ آيل سامونڊي طوفان ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهو لاپتا ٿي ويا هئا ۽ ڪيترائي فوت ٿي ويا هئا، 20 لک ماڻهو متاثر ٿيا هئا، گڏيل قومن جي رپورٽ موجب هڪ لک 38 هزار گهر ۽ 2 لک 56 هزار ايڪڙ زرعي زمين تباهه ٿي هئي، ان تباهي جا اثر اڃا به موجود آهن، سڀ کان وڌيڪ متاثر علائقن ۾ ٺٽو، بدين ۽ ڪيٽي بندر هئا

Leave A Comment