پاڪستان ۾ 2 لک کان وڌيڪ ماڻهو ايچ آءِ وي ۾ مبتلا هجڻ جو انڪشاف

جُولاءِ 13, 2023

سکر (رپورٽر) پاڪستان ۾ 2 لک کان وڌيڪ ماڻهو ايچ آءِ وي ۾ مبتلا هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، جن اڪثريت جي اسڪريننگ به ناهي ٿي

ماهر ڊاڪٽر محمد نعيم خان چيو آهي ته پاڪستان ۾ هن وقت 2 لک 30 هزار کان وڌيڪ ايڊز (ايڇ آئي وي) جا مريض آهن، جن مان اڪثريت جي اسڪريننگ نه ٿي آهي،  اسڪريننگ ٿي ته انگ وڌيڪ ظاهر ٿي سگهي ٿو، دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ نيپال، پاڪستان ۽ ڀارت ايڇ آئي وي جا ڪيس سامهون آيا آهن

سکر پريس ڪلب ۾ ايڇ آءِ وي سينيزيٽيشن سيشن ايڇ آءِ وي/ايڊز آگاهي مهم جي سلسلي ۾ منعقد بريفنگ ۾ ڊاڪٽر محمد نعيم وڌيڪ چيو ته گذريل ٽن مهينن دوران سنڌ جي 29 ضلعن ۾ 15 هزار ماڻهن جي اسڪريننگ ڪئي وئي هن مان 150 ماڻهن ۾ ايڇ آءِ وي مثبت آئي آهي

سنڌ حڪومت ۽ صحت کاتي پاران سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ايڇ آءِ وي اسڪريننگ لاءِ الڳ ڪائونٽر قائم ڪيا ويا آهن جتي جديد ڪٽس پڻ موجود آهن، نتيجا ٻن کان پنج منٽن ۾ ملي ويندا آهن ۽ هاڻي موبائيل سروس ذريعي ٽيمون به ڏورانهن علائقن ۾ وڃي هر فرد جي اسڪريننگ ڪري رهيون آهن

ڊاڪٽر محمد نعيم چيو ته اها ڪا خراب ڳالهه يا خوف جي ڳالھه ناهي هر  انسان کي پنهنجي صحت بابت مڪمل ڄاڻ هجڻ گهرجي، ان موقعي تي ڊبليو ايڇ او جي نمائندي ڊاڪٽر غوث، جبار خان سميت ماهر ڊاڪٽرن ۽ ٻين شرڪت ڪئي

لاڳاپيل پوسٽون

  • روس جي سفير پاران موهن جو دڙو جو دورو

  • لاهور واسڻ ناري عدالت پيش

  • ٽائيم نيوز رپورٽر مرتضيٰ نوحاڻي جي گهر حملو

  • ميهڙ: گم ٿي ويل ڳوٺاڻي جو لاش هٿ