پاڪستان ۾ 40 لک ٻار پيئڻ جي صاف پاڻي کان وانجھيل آهن: گڏيل قومون

آگسٽ 25, 2023

نيويارڪ (م ڊ) گڏيل قومن موجب پاڪستان ۾ بدترين ٻوڏ جي هڪ سال بعد به 40 لک ٻار صاف پاڻي کان محروم آهن. ان حوالي سان گڏيل قومن جي اداري يونيسيف هڪ رپورٽ جاري ڪئي آهي

جنهن ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ 8ملين ماڻهو صاف پاني کان محروم آهن جن ۾ اڌ انگ ٻارن جو آهي. يونيسيف جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي ٻارن کي نٿا وساري سگھون، ٻوڏ جو پاڻي هليو ويو پر سندن ڏکيايون ناهن گھٽجي سگھيون

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ بحالي جو ڪم جاري آهي پر گھڻا ماڻهن تائين پهچ نه ٿي سگھي ان ڪري پاڪستاني حڪومت ٻوڏ متاثر ٻارن ۽ خاندانن لاءِ سيڙپڪاري ۾ اضافو ڪري

رپورٽ موجب موسمياتي تبديلي متاثر ضلعن ۾ ٻارن ۽ خاندانن لاءِ اڳ کان موجود عدم مساوات وڌيڪ گھري ڪري ڇڏي آهي

Leave A Comment