پاڪستان 20 سالن بعد آءِ ٽي ايف فيوچرز ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو

پاڪستان 20 سالن بعد آءِ ٽي ايف فيوچرز ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز) پاڪستاني ٽينس پليئر محمد شعيب خان پنهنجي شاندار ڪارڪردگي سان روسي رانديگر کي شڪست ڏئي 20 سالن بعد آءِ ٽي ايف فيوچرز ٽائيٽل پاڪستان جي نالي ڪرڻ جو اعزاز حاصل ڪري ورتو.اسلام آباد ۾ کيڏيل فائنل ميچ ۾ محمد شعيب روس جي نڪيتا ايانن کي هڪ سنسني خيز مقابلي کانپوءِ هارايو. محمد شعيب هي ميچ 7-6، 4-6 ۽ 6-2 تان کٽي ٽائٽل پنهنجي نالي ڪيو. 20 سالن کانپوءِ ڪو پاڪستاني رانديگر آءِ ٽي ايف فيوچرز جي فائنل تائين پهتو هو. پاڪستان ٽينس فيڊريشن  جي صدر اعصام الحق ۽ سيڪريٽري ڪرنل ضياءَ طفيل محمد شعيب کي ان تاريخي سوڀ تي مبارڪباد پيش ڪئي.تقريب جي آخر ۾ سوئيڊن جي سفير خاص شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پي ٽي ايف صدر اعصام الحق خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان ٽينس ۽ راندين سان محبت ڪندڙن لاءِ اڄوڪو ڏينهن تمام وڏو ڏينهن آهي، محمد شعيب خان تاريخ رقم ڪري ڇڏي آهي.