| پاڪستان 52 ملڪن ڏانهن دوائون ايڪسپورٽ ڪري رهيو آهي: مصطفيٰ ڪمال |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صحت واري وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته ڪجهه سال اڳ تائين پاڪستان ۾ دواساز صنعت کي نظرانداز ڪيو ويو، پاڪستان 52 ملڪن ڏانهن دوائون برآمد ڪري رهيو آهي. ايندڙ هڪ سال دوران ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان (ڊريپ) کي سئو سيڪڙو ڊجيٽل بڻايو ويندو. مصطفيٰ ڪمال چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ اسلام آباد ۾ ٿيل بزنس ٽو بزنس فارما ڪانفرنس پنهنجي نوعيت جو منفرد ايونٽ هو، جنهن عالمي سطح تي وڏي توجهه حاصل ڪئي ۽ ان دوران 800 ملين آمريڪي ڊالرن جي مفاهمتي يادداشتن (ايم او يوز) تي صحيحون ڪيون ويون. هن چيو ته ڪانفرنس ۾ چين مان 240 ۽ پاڪستان مان 430 وفدن شرڪت ڪئي، پاڪستاني ۽ چيني وفدن وچ ۾ 340 ٻه طرفيون ملاقاتون ٿيون. وفاقي وزير موجب 22 ڪمپنين مجموعي طور 629.5 ملين آمريڪي ڊالرن جا معاهدا ڪيا. ماضي ۾ دواساز صنعت کي گهربل توجهه نه ملي، جڏهن ته هڪ ميڊيڪل ڊيوائس جي منظوري ۾ اڍائي کان ٽي سال لڳندا هئا ۽ لکين رپين جي رشوت جو به ذڪر ٿيندو هو، پر هاڻي سمورو نظام ڊجيٽل بڻايو ويو آهي. بزنس ٽو بزنس ڪانفرنس جي ڪاميابي ۾ وزارت صحت، وزارت پرڏيهي، ڊريپ ۽ اسلام آباد انتظاميا جي سمورن لاڳاپيل عملدارن اهم ڪردار ادا ڪيو.