خبریں آپ کے لئے!

چاہتے ہیں جدید معلومات؟

ہمارا مقصد آپ کو تازہ ترین خبریں اور معلومات فراہم کرنا ہے۔ یہاں آپ کو اہم موضوعات پر جامع تجزیات اور بصیرت ملیں گے۔ آئے، اور اپنی معلومات کو بڑھائیں، ہم ہمیشہ آپ کی خدمت میں ہیں۔

مضامین کی فہرست

ہمارا مقصد آپ کو diverse موضوعات پر قیمتی معلومات فراہم کرنا ہے۔ یہاں آپ مختلف اہم موضوعات پر لکھے گئے مضامین کو تلاش کر سکتے ہیں، جو کہ آپ کی معلومات میں اضافہ کریں گے۔

اہم موضوعات

یہاں آپ کو اہم خبروں اور تجزیوں کا مجموعہ ملے گا، جو آپ کی روزمرہ کی زندگی اور معلوماتی ضروریات کے لئے مفید ہوگا۔ ہماری تمام تحریریں سادہ اور آسان زبان میں پیش کی گئی ہیں۔

ہماری تازہ ترین معلومات کے لئے سبسکرائب کریں

ہماری ویب سائٹ پر آپ کو تازہ ترین خبریں اور دلچسپ مضامین ملیں گے۔ ہمیں یقین ہے کہ آپ کو ہماری معلومات فائدہ مند لگیں گی۔ اس لئے، براہ کرم سبسکرائب کریں تاکہ آپ ہماری تازہ ترین اپ ڈیٹس سے باخبر رہ سکیں۔

ہمارے قارئین

عمومی سوالات

آپ کے عمومی سوالات کے جوابات یہاں موجود ہیں۔
کیا میں ویب سائٹ پر مواد شائع کرسکتا ہوں؟

ہماری ویب سائٹ پر موجود معلومات آپ کے علم میں اضافہ کرنے کے لئے اہم ہیں۔ ہم ہر سوال کا جواب دینے کی کوشش کر رہے ہیں۔ اگر آپ کو مزید مدد کی ضرورت ہو تو بلا جھجھک ہم سے رابطہ کریں۔

سوالات کے جواب آپ کی رہنمائی کے لئے مختص ہیں۔ ہماری کوشش ہے کہ آپ کو جلدی اور صحیح جواب فراہم کریں تاکہ آپ کے خدشات دور ہو سکیں۔

ہمارا ہدف اپنے قارئین کو معلومات فراہم کرنا اور ان کی تشفی کرنا ہے۔ اگر کوئی سوال یا تجویز ہو تو آپ ہمیں بتا سکتے ہیں۔

ہمیں امید ہے کہ آپ کو یہاں دستیاب معلومات مفید لگیں گی۔ آپ کی رائے اہم ہے اور ہم اسے خوش دلی سے قبول کریں گے۔

اگر آپ کو مزید وضاحت یا معلومات چاہیے تو ہمارے مضامین کو دیکھیں۔ ہم مفید اور واضح معلومات فراہم کرنے کا عزم رکھتے ہیں۔

آپ کی خبریں کہاں سے لیکر آتی ہیں؟

ہماری ویب سائٹ پر آپ کے سوالات کے جوابات دینے کے لئے ایک پریس سیکشن بھی ہے جہاں آپ اپنے سوالات پیش کرسکتے ہیں۔

اگر آپ کو مزید سوالات ہیں تو آپ ہمارے روابط سے ہم سے رابطہ کرسکتے ہیں۔ ہم آپ کی خدمت میں ہازر ہیں۔

ہماری معلومات ہمیشہ موجود رہیں گی۔ برائے مہربانی بار بار وزٹ کریں اور نئے سوالات بھیجیں!

ہم آپ کے سوالات کا خیر مقدم کرتے ہیں۔ آپ کی تشویشات اور مشورے ہماری رہنمائی کریں گے۔

مزید معلومات اور سوالات کے لئے ہمیشہ ہماری مدد لائین تک رسائی حاصل کریں۔ ہم آپ کی مدد کے لئے حاضر ہیں۔

پاڪ افغان استنبول ڳالهيون وري ناڪام، ڊيڊلاڪ اچي ويو، هاڻ جنگبندي ناهي رهي، اڳرائي تي ڀرپور ڪارروائي ڪنداسين: بچاءُ وزير

پاڪ افغان استنبول ڳالهيون وري ناڪام، ڊيڊلاڪ اچي ويو، هاڻ جنگبندي ناهي رهي، اڳرائي تي ڀرپور ڪارروائي ڪنداسين: بچاءُ وزير

اسلام آباد/استنبول(بيورو رپورٽ+م ڊ) پاڪستان ۽ افغان طالبان حڪومت جي وچ ۾ ڳالهيون استنبول ۾ ٻئي ڏينهن هڪ ڀيرو وري ڊيڊلاڪ جو شڪار ٿي ويون. پاڪستان افغان سرزمين تان ٿيندڙ دهشتگرد حملن جا ٺوس ثبوت ۽ منطقي مطالبا ٽياڪڙن حوالي ڪيا. افغانستان مان هڪ ڀيرو ٻيهر سرحد پار کان حملو ڪيو ويو، جنهن جو پاڪستاني فورسز سخت ۽ فوري طور تي جواب ڏنو. تفصيل موجب پاڪستان ۽ افغان طالبان حڪومت جي وچ ۾ ٽياڪڙن جي موجودگي ۾ استنبول ۾ ڳالهيون ٿيون. سرڪاري ذريعن چيو ته پاڪستاني وفد افغان سرزمين تان ٿيندڙ دهشتگرد حملن جا ٺوس ثبوت ۽ مطالبا ٽياڪڙن ڪندڙن جي حوالي ڪيا. پاڪستان جو مکيه مطالبو سرحد پار دهشتگردي کي ختم ڪرڻ آهي. ذريعن موجب ٽياڪڙي ڪندڙن پاڪستان جي موقف جي مڪمل حمايت ڪئي ۽ مهيا ڪيل ثبوتن کي قابل اعتبار ۽ بين الاقوامي قانون جي بنيادي اصولن جي مطابق قبول ڪيو. ذريعن موجب ٽياڪڙ پاڪستان ۾ هر نقطي تي افغان طالبان جي وفد سان تفصيلي ۽ نقطي وار ڳالهيون ڪيون. پاڪستاني عملدارن موجب ڳالهين جو مقصد صرف ۽ صرف پاڪستاني سرزمين تي سرحد پار دهشتگردي کي ختم ڪرڻ ۽ خطي ۾ مستقل امن قائم ڪرڻ آهي. پاڪستاني وفد ڳالهين دوران واضح ڪيو ته افغانستان پاران پاڪستان ۾ ڪيل دهشتگرد ڪارروائيون امن عمل کي سبوتاز ڪري رهيون آهن ۽ اهڙن عنصرن خلاف اثرائتي ڪارروائي ناگزير آهي. بعد ۾ ڳالهين ۾ ڊيڊلاڪ اچي ويو. اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ٽوئيٽ ۾ چيو ته پاڪستان برادر ملڪن ترڪي ۽ قطر جو ڳالهين ۾ ٽياڪڙي ڪرڻ تي ٿورائتو آهي. افغانستان تي ذميواري آهي ته هو دهشتگردي جي ڪنٽرول بابت پنهنجي ڊگهي عرصي کان جاري بين الاقوامي/علائقائي ۽ ٻطرفي واعدن کي پورو ڪري، جنهن ۾ اهي اڃا تائين ناڪام ٿيا آهن. هن چيو ته پاڪستان افغان عوام خلاف ڪا به بدخواهي نٿو رکي. تنهن هوندي به، افغان طالبان حڪومت جي ڪنهن به قدم جي ڪڏهن به حمايت نه ڪندو جيڪو افغان عوام ۽ پاڙيسري ملڪن جي مفاد لاءِ نقصانڪار هجي. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي عوام جي سلامتي ۽ پنهنجي خودمختياري جي حفاظت لاءِ ضروري سڀني اختيارن کي استعمال ڪندو رهندو. ان کان اڳ افغان-پاڪستان سرحد تي ٻئي ڏينهن به لاڳيتو افغانستان مان حملا ڪيا ويا جوابي حملن ۾  پنج افغانين جي مارجڻ ۽ 6 جي زخمي ٿيڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. افغانستان جي قندار صوبي جي هڪ اسپتال جي اهلڪار اي ايف پي کي ٻڌايو ته مارجي ويلن ۾ چار عورتون ۽ هڪ مرد شامل آهن. ايراني ميڊيا پاڪستاني ميڊيا جي حوالي سان چيو آهي ته چمن سرحد تي چڪرين بعد عارضي طور تي طالبان حڪومت سان ڳالهيون معطل ڪيون ويون جيڪي استنبول ۾ بعد ۾ شروع ڪيون ويون.

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پرڏيهي کاتي چيو آهي ته افغانستان سان ٿيل سرحدي ڇڪتاڻ واري معاملي تي پاڪستان ثبوتن تي ٻڌل مطالبا ترڪي ۾ ٽياڪڙي ڪندڙن حوالي ڪري ڇڏيا آهن. هفتيوار بريفنگ دوران پرڏيهي کاتي جي ترجمان طاهر اندرابي چيو ته پاڪستان جو وفد ڳالهين لاءِ هن وقت استنبول ۾ موجود آهي، جڏهن ته پرڏيهي کاتي جي نمائندگي لاءِ ايڊيشنل سيڪريٽري علي اسد گيلاني ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ عاصم ملڪ پڻ استنبول ۾ وفد ۾ شامل آهن. هن چيو ته استنبول ۾ پاڪستاني وفد ٽياڪڙين سان پنهنجا منطقي ۽ دستاويزي ثبوت شيئر ڪيا آهن، جڏهن ته وچ ۾ پيل ڌريون افغان طالبان سان اسان جي مطالبن تي ڳالهيون ڪري رهيون آهن. ترجمان چيو ته پاڪستان طرفان ٽياڪڙن کي ڏنل ڄاڻ مصنفاڻي ۽ فتنه الخوارج سان لاڳاپيل آهي، اسان جا مطالبا بلڪل سادا، واضح، منطقي ۽ ثبوتن تي ٻڌل آهن، ڳالهين جي مڪمل ٿيڻ ۽ نتيجن تائين اسان ڪو به بيان يا تبصرو نه ڪنداسين. ترجمان چيو ته ڳالهين ۾ ٽياڪڙن پاڪستان جي موقف جي مڪمل حمايت ڪئي آهي، سوشل ميڊيا تي جاري بيانن تي ڌيان نه ڏنو وڃي، پاڪستان جو واضح موقف آهي ته افغان سرزمين دهشتگردي لاءِ استعمال نه ٿئي. هڪ سوال جي جواب ۾ طاهر اندرابي چيو ته چمن واقعي بابت افغانستان جي دعويٰ رد ڪريون ٿا، فائرنگ جي شروعات افغانستان کان ٿي، گذريل ڏينهن يا اڄوڪي چمن وارن واقعن کي سرحد کولڻ بابت هاڪاري اشارو نٿو چئي سگهجي، مثبت جائزي کانپوءِ ئي سرحد کولڻ تي ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون، جڏهن ته ڳالهين ۾ افغانستان طرفان چمن سرحد جي ڀڃڪڙي جو معاملو به اٿاريو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ ڳالهين وارو عمل جاري آهي ۽ في الحال ڪو به ڊيڊ لاڪ ناهي، پر افغانستان جي سرزمين مسلسل پاڪستان خلاف استعمال ٿي رهي آهي، انهن حملن ۾ معصوم ماڻهو نشانو بڻجن ٿا، پاڪستان جو بنيادي مطالبو اهو ئي آهي ته افغان سرزمين پاڪستان خلاف استعمال نه ٿئي. طاهر اندرابي چيو ته ڳالهين جي ڪاميابي لاءِ مثبت اميدون آهن، جڏهن ته، اسان هر قيمت تي پاڪستاني شهرين جي جانن جي حفاظت ڪنداسين. افغانستان سان سرحدون سيڪيورٽي صورتحال بهتر ٿيڻ تائين بند رهنديون، سرحدن بابت ڪو به فيصلو سيڪيورٽي صورتحال کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويندو. هوڏانهن پاڪ-افغان ڳالهين بابت دفاع واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته پاڪستان کي افغانستان سان ڳالهين لاءِ ڪنهن جي رهنمائي يا دٻاءُ جي ضرورت ناهي، هاڻ پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ ڪا جنگبندي ناهي ڪا ڪارروائي ٿي ته سخت جواب ڏنو ويندو امن قائم ڪرڻ پاڪستان، افغانستان ۽ سڄي خطي لاءِ ضروري آهي. هن چيو ته اسلام آباد جي پاليسي تمام واضح آهي، اسان چاهيون ٿا ته ڳالهين جا سڀئي نقطا شفاف هجن ۽ هڪ تحريري معاهدي جو حصو بڻجن ته جيئن مستقبل ۾ ڪو ابهام نه رهي. دفاع واري وزير وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن سرحد پار دراندازي يا خلاف ورزي ٿئي ٿي ته قطر ۽ ترڪي ان حوالي سان ضامن هوندا. هن چيو ته پاڪستان خلوص دل سان چاهي ٿو ته اهڙا تعلقات هجن جيڪي اعتماد، امن ۽ باهمي تعاون تي ٻڌل هجن. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته افغانستان دهشتگردن خلاف ڪارروائي جي گارنٽي ڏيڻ کان انڪار ڪيو آهي جنهن ڪري هاڻ اسان ۾ ڪا جنگبندي نه رهي آهي ڪو واقعو ٿيو ته سخت جواب ڏنو ويندو، ٽياڪڙي ڪندڙ به ڪنهن تي ڪو ڏنڊ نه لڳائيندا. هن چيو ته افغانستان وارن جو چوڻ آهي ته دهشتگرد اسان جي ڪنٽرول ۾ نه آهن جيڪڏهن ائين آهي ته اسان کي ڪارروائي ڪرڻ ڏين.