پاڪ افغان ڳالهين جو پنجون دور: سرحد تي وري فائرنگ، پاڪستان طرفان اڳرائي جا افغان الزام رد

پاڪ افغان ڳالهين جو پنجون دور: سرحد تي وري فائرنگ، پاڪستان طرفان اڳرائي جا افغان الزام رد

استنبول(م ڊ) پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ امن ڳالهيون جو پنجون دور استنبول ۾ جاري آهي. ڳالهيون هلندي پاڪ افغان سرحد تي فائرنگ جا اطلاع آهن، پاڪستان ۽ افغانستان ٻنهي هڪٻئي تي اڳرائي جا الزام هنيا آهن. مليل اطلاعن موجب پاڪستان ۽ افغانستان ۾ ڇڪتاڻ جي خاتمي ۽ امن جي قيام لاءِ ڳالهين جو پنجون دور استنبول ۾ جاري آهي. طالبان حڪومتي وفد جي اڳواڻي انٽيليجنس چيف عبدالحق وثيق ڪري رهيو آهي. رحمت الله نجيب، قطر ۾ طالبان حڪومت جو نمائندو سهيل شاهين، افغان گهرو وزير سراج حقاي جو ڀاءُ انس حقاني، پرڏيهي وزارت جو آفيسر عبدالقهار بلخي، پرڏيهي آفيس جو سربراهه ذاڪر جلالي به وفد ۾ شامل آهن. اهو پڻ چيو پيو وڃي ته پاڪستاني وفد جي اڳواڻي انٽر سروسز انٽيليجنس (آءِ ايس آءِ) جو سربراهه ليفٽيننٽ جنرل عاصم ملڪ ڪري رهيو آهي، بي بي سي موجب ان جي آزادانه طور تي تصديق نه ٿي سگهي آهي. پهرين ٽياڪڙي ڪندڙ ترڪ ۽ قطر جي وفدن ٻنهي ملڪن جي وفدن سان ڌار ڌار ملاقاقون ڪيون پوءِ پاڪ افغان سڌيون ڳالهيون ٿيون. ڳالهين ۾ دهشتگردي روڪڻ لاءِ ميڪنزم تيار ڪرڻ تي غور ڪيو ويو. ذريعن موجب ترڪيي جي درخواست تي ڳالهين کي آخري موقعو ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو. آخري اطلاعن تائين ڳالهيون جاري هيون ڪا به پڌرائي جاري نه ڪئي وئي هئي. هوڏانهن استنبول ۾ پاڪ افغان ڳالهين جي هلندي پاڪ افغان سرحد تي افغانستان کان پاڪستاني چوڪين تي حملو ڪيو ويو، جنهن جي جواب ۾ پاڪستان جي فورسز ڪارروائي ڪئي. بي بي سي موجب افغانستان پاڪستاني فوج تي اسپن بولدڪ ۾ فائرنگ جو الزام لڳايو آهي. افغان طالبان جي ترجمان ذبيح الله مجاهد الزام لڳايو ته پاڪستاني فوج هڪ ڀيرو ٻيهر قنڌار جي اسپن بولدڪ ضلعي تي استنبول ۾ ڳالهين جي ٽئين دور دوران فائرنگ ڪئي. حملي جي ڪري مقامي آبادي ۾ پريشاني جي لهر پيدا ڪئي آهي. اڃا تائين اسلامي امارت جي فوجن ڳالهين واري ٽيم جو احترام ڪندي ۽ شهري جاني نقصان کي روڪڻ لاءِ ڪو به جواب نه ڏنو آهي. اهو ياد رکڻ گهرجي ته ڳالهين جي پوئين دور دوران، ڌرين جنگ بندي کي وڌائڻ ۽ ڪنهن به جارحاڻي ڪارروائي کي روڪڻ تي اتفاق ڪيو هو. جڏهن ته پاڪستان افغان طالبان جي دعويٰ کي رد ڪندي چيو آهي ته فائرنگ افغانستان طرفان ڪئي وئي هئي ۽ اسان جي سيڪيورٽي فورسز فوري، ذميواراڻو ۽ توريل تڪيل جواب ڏنو. جنگ بندي اڃا تائين لاڳو آهي.