پاڪ-افغان ڳالهيون چين ۾ شروع: دهشتگردن خلاف پاليسي تبديل نه ٿيندي: پاڪستان

پاڪ-افغان ڳالهيون چين ۾ شروع: دهشتگردن خلاف پاليسي تبديل نه ٿيندي: پاڪستان

بيجنگ (م ڊ) پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ چين جي شهر ارمچي ۾ جونيئر سطح تي سفارتي ڳالهه ٻولهه شروع ٿي وئي، سفارتي ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان افغانستان سان ڳالهين لاءِ تيار آهي پر دهشتگرد ٺڪاڻن کي نشانو بڻائڻ جي پاليسي تبديل نه ٿيندي، پاڪستان پرڏيهي وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري کي چين ۾ افغانستان سان ڳالهين لاءِ مقرر ڪيو آهي.