پاڪ ايئرفورس جي ٽريننگ ايئربيس ميانوالي تي دهشتگردن جو حملو ناڪام، حملو ڪندڙ 3 دهشتگرد مارجي ويا

نومبر 4, 2023

پاڪ ايئرفورس جي ٽريننگ ايئربيس ميانوالي تي دهشتگردن جو حملو ناڪام، حملو ڪندڙ 3 دهشتگرد مارجي ويا

آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن اڄ صبح جو سوير ميانوالي تربيتي ايئربيس تي حملو ڪيو، پاڪ فوج جي جوانن منهن ٽوڙ جواب ڏيندي حملو ناڪام بڻائي ڇڏيو، پاڪ فوج جي بروقت ڪارروائي جي نتيجي ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا

آءِ ايس پي آر موجب پهرين کان گرائونڊ ڪيل 3 جهازن ۽ فيول باورز کي نقصان پهتو، جوانن جوابي ڪارروائي ڪندي اثاثن جو تحفظ يقيني بڻايو

آءِ ايس پي آر موجب گڏيل ڪليئرنگ ۽ ڪومبنگ آپريشن جاري آهي، باقي 3 دهشتگردن کي به گهيري ۾ آندو ويو آهي، گذريل ڏينهن پسني کان اورماڙا ويندڙ سيڪيورٽي فورسز جي ٻن گاڏين تي به دهشتگردن حملو ڪيو هو، دهشتگردن جي حملي ۾ 14 فوجي جوان شهيد ٿي پيا هئا

Leave A Comment