پاڪ-ايران ڇڪتاڻ: نگران وزيراعظم جي ڏيهه واپسي: قومي سلامتي ڪاميٽي جو اڄ اجلاس طلب

جنوري 19, 2024

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪ – ايران ڇڪتاڻ کانپوءِ صورتحال تي غور لاءِ قومي سلامتي ڪاميٽي جو اجلاس اڄ طلب ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب ايران سان ڇڪتاڻ کانپوءِ پيدا ٿيندڙ صورتحال تي نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ پنهنجو ڊيووس دورو مختصر ڪري ڏيهه واپس پهتو آهي. ان حوالي سان قومي سلامتي ڪاميٽي جو اجلاس اڄ منجهند 2 لڳي 45 منٽن تي طلب ڪيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته انوار الحق ڪاڪڙ اجلاس جي صدارت ڪندو، اجلاس ۾ آرمي چيف سميت ٻيا سروسز چيف شريڪ ٿيندا، اجلاس ۾ ڳجهن ادارن جا آفيسر به شريڪ ٿيندا. ذريعن موجب اجلاس ۾ پاڪ – ايران ڇڪتاڻ تي بريفنگ ڏني ويندي، قومي سلامتي ڪاميٽي جي اجلاس ۾ امن امان جي صورتحال تي فيصلا ڪيا ويندا. وزيراعظم هائوس جي ترجمان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڊووس وارو پنهنجو دورو مختصر ڪري ڇڏيو، نگران وزيراعظم مختصر ڪري ڏيهه واپس پهچي رهيو آهي. ان کان اڳ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ کي 22 جنوري تي ڏيهه واپس اچڻو هو.

Leave A Comment