| پاڪ بحريه پاران تيمور ايئر لانچڊ ڪروز ميزائل جو ڪامياب تجربو |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪ بحريه جو تيمور ايئر لانچڊ ڪروز ميزائل جو ڪامياب تجربو. مقامي طور تي تيار ڪيل اينٽي شپ ويپن سسٽم جو ڪامياب لائيو فائرنگ مظاهرو ڪيو ويو. تيمور ميزائل هدف کي انتهائي درستگي سان نشانو بڻائي پنهنجي صلاحيت ثابت ڪري ڇڏي. ڊگهي فاصلي تائين سامونڊي هدفن کي نشانو بڻائڻ جي صلاحيت جي تصديق ڪئي. پاڪ بحريه جي آپريشنل تياري ۽ جنگي مهارت جو شاندار مظاهرو ڪيو. دشمن جي سامونڊي خطرن کي بروقت سڃاڻپ ۽ تباهه ڪرڻ جي صلاحيت نمايان اضافو آهي. هن ڪامياب تجربي سان پاڪستان جي دفاعي صلاحيت ۾ نمايان واڌارو هٿياربند جي ملٽي ڊائمنشنل اسٽرائيڪ صلاحيت وڌيڪ مضبوط ٿي آهي. ملڪي دفاع کي جديد گهرجن سان هم آهنگ بڻائڻ ڏانهن اهم اڳڀرائي ٿي آهي. صدر، وزيراعظم ۽ سروسز چيفس پاران سائنسدانن ۽ انجنيئرن کي مبارڪباد ڏيڻ سان گڏ قومي سلامتي ۽ سامونڊي سرحدن جي تحفظ جي عزم جو اظهار ڪيو.پاڪ بحريه هر قسم جي خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي.