پاڪ بنگلاديش ون ڊي سيريز اڄ کان شروع ٿيندي: 3 رانديگر ڊيبيو ڪندا: ڪپتان ٻڌائي ڇڏيو

پاڪ بنگلاديش ون ڊي سيريز اڄ کان شروع ٿيندي: 3 رانديگر ڊيبيو ڪندا: ڪپتان ٻڌائي ڇڏيو

ڍاڪا (اسپورٽس نيوز) پاڪ بنگلاديش ون ڊي سيريز اڄ کان شروع ٿيندي. ڪپتان شاهين شاهه آفريدي چيو آهي ته ون ڊي سيريز ۾ 3 رانديگر ڊيبيو ڪندا. تفصيل موجب پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ ٽن ميچن واري سيريز جي پهرين ون ڊي ميچ اڄ کيڏي ويندي، قومي ٽيم ۾ صاحبزادا فرحان. معاذ صداقت ۽ شمائل حسين کي کيڏائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ٻنهي ٽيمن ميرپور شانگلا اسٽيڊيم ۾ ڀرپور نيٽ پريڪٽس ڪئي، جڏهن ته قومي ٽيم جي 11 رڪني اسڪواڊ کي بيٽنگ ۽ بالنگ جي پريڪٽس ڪرائي وئي. ان سلسلي ۾ قومي ٽيم جي ون ڊي ٽيم  ڪپتان شاهين شاهه آفريدي چيو آهي ته بنگلاديش خلاف سيريز لاءِ سڀ رانديگر محنت ڪري رهيا آهن. پهريون ٽريننگ سيشن مڪمل ڪرڻ کانپوءِ ڳالهائيندي شاهين آفريدي چيو ته ڪيمپ جو ماحول حوصلو وڌائيندڙ آهي، اسڪواڊ ۾ تجربي ڪار سينيئر رانديگرن سان گڏ نوجوان ٽيلينٽ به شامل آهي، جن کي ٽيم جي مجموعي توازن ۽ ڪامبينيشن کي نظر ۾ رکندي چونڊيو ويو آهي. هن چيو ته ون ڊي سيريز ۾ صاحبزادا فرحان ۽ معاذ صداقت اوپنگ ڪندا جڏهن ته شمائل حسين کي ون ڊائون پوزيشن تي کيڏائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته سڀ رانديگر سخت محنت ڪري رهيا آهن، جڏهن ته بنگلاديش جا ماڻهو راند کي دل سان سپورٽ ڪندا آهن ۽ سدائين وڏي انگ ۾ ميچون ڏسڻ لاءِ ايندا آهن.