| پاڪ-بنگلاديش ون ڊي سيريز لاءِ ميچ آفيشلز جو اعلان |
ڍاڪا(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ ون ڊي سيريز لاءِ ميچ آفيشلز جو اعلان ڪيو ويو. ون ڊي سيريز ۾ نعيم الرشيد ميچ ريفري جا فرض انجام ڏيندو، جڏهن ته ڪمار ڌرماسينا، ايڊرين هولڊ اسٽاڪ، غازي سهيل، تنوير احمد ۽ مسعود الرحمان آن فيلڊ امپائر مقرر ڪيا ويا آهن. واضح رهي ته پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ 3 ون ڊي ميچن جي سيريز 11 مارچ کان شروع ٿيندي، ٽئي ميچون ڍاڪا ۾ کيڏيون وينديون.