| پاڪ عراق وچ ۾ سهڪار وڌائڻ تي ڳالهيون |
بغداد (م ڊ) صدر آصف علي زرداري چئن ڏينهن جي دوري تي عراق پهتو جتي سندس شاندار آجيان ڪئي وئي. صدر آصف علي زرداري جي اعليٰ عراقي قيادت سان ملاقاتن جي دوران مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي به ڳالهيون ڪيون ويون. ايوان صدر جي پڌرائي موجب صدر جو دورو پاڪ عراق لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيندو. انهي کان علاوه صدر آصف علي زرداري اڏام دوران پاڙيسري اسلامي ملڪ ايران سان به يڪجهتي جو اظهار ڪيو. جهاز ايراني فضائي حدن ۾ داخل ٿيو ته صدر پاڪستاني ايراني سپريم ليڊر آيت الله خامنائي ۽ صدر مسعود پزشڪيان جي نالي پيغام اماڻيو ۽ خطي ۾ گڏيل احترام ۽ لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ تي زور پڻ ڏنو. صدر امام حسين جي روضي تي حاضري ڀريندو جڏهن ته نجف اشرف ۾ حضرت علي جي روضي تي به حاضري جا امڪان آهن.