پاڪ فوج جو پڌرنامو حقيقتن تي ٻڌل ناهي، عمران جي گرفتاري بعد عوامي رد عمل جا ٻيا به سبب آهن: پي ٽي آءِ
مَي 11, 2023
اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) پي ٽي آءِ چيو آهي ته پاڪ فوج جو پڌرنامو حقيقتن تي ٻڌل ناهي، عمران جي گرفتاري بعد عوامي رد عمل جا ٻيا به سبب آهن. آءِ ايس پي آر جي پڌرائي تي رد عمل ڏيندي تحريڪ انصاف بيان جاري ڪيو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ پنهنجي جوڙجڪ، نظريي ۽ منشور جي حوالي سان هڪ جمهوري جماعت آهي جيڪا پرامن، عدم تشدد ۽ آئين ۽ قانون تي پابند رهي مقصد ماڻڻ تي يقين رکي ٿي. بيان ۾ چيو ويو آهي آءِ ايس پي آر جو پڌرنامو زميني حقيقتن جي ابتڙ آهي، اسين چونڊن ۾ مداخلت ۽ ڌانڌلي سان عوام جي حڪمراني واري حق تي ڌاڙي هڻڻ جا مخالف آهيون. بيان ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين جي سياسي نظريي ۽ فلسفي کي عوام ۾ غيرمعمولي حمايت حاصل آهي، پارٽي هميشه آئين ۽ قانون جي خلاف ورزي کي ننديو آهي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي عمران جي گرفتاري کانپوءِ عوامي رد عمل پٺيان ڪيترائي سبب جڙيل آهن، قانون کان مٿاهان قدم ۽ معاشي تباهي به وڇوٽيون پيدا ڪيون آهن، عمران خان شفاف چونڊن ذريعي سياسي ۽ انتظامي بحران جو حل پيش ڪيو، پي ٽي آءِ فرد ۽ ادارن کي برابري طور قانون جي تابعداري جي پابند سمجهي ٿي.