پاڪ فوج جي ڪابل ۽ قنڌار ۾ افغان طالبان خلاف ڪارروائي: جهنڊا پوسٽ سميت فوجي ٺڪاڻا تباهه: اسپتال کي نشانو ناهي بڻايو: وفاقي سرڪار

پاڪ فوج جي ڪابل ۽ قنڌار ۾ افغان طالبان خلاف ڪارروائي: جهنڊا پوسٽ سميت فوجي ٺڪاڻا تباهه: اسپتال کي نشانو ناهي بڻايو: وفاقي سرڪار

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪ فوج  ڪابل ۽ قنڌار ۾ افغان طالبان خلاف ڪارروائي ڪئي، جهنڊا پوسٽ سميت فوجي ٺڪاڻا تباهه ٿي ويا جڏهن ته وفاقي سرڪار افغان حڪومت جي اسپتال کي نشانو بڻائڻ واري دعويٰ رد ڪري ڇڏي. تفصيل موجب آپريشن غضب الحق تحت پاڪ فوج  ڪابل ۽ قنڌار ۾ افغان طالبان جي فوجي ٺڪاڻن کي ڪاميابي سان نشانو بڻيو. ڪابل  ۾ افغان طالبان جي ٻن فوجي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو، ٽيڪنيڪل انفراسٽڪچر ۽ باروردي ذخيرن تي بمباري ڪئي وئي. ڌماڪن بعد باهه لڳي وئي. جڏهن ته  پاڪ فوج طرفان ننگرهار ۾ به چئن هنڌن تي ڪارروائي ڪئي وئي ، جنهن سبب افغان طالبان جا فوجي ٺڪاڻا تباهه ٿي ويا، لاجسٽڪ سپورٽ، ايمونيشن ۽ ٽيڪنيڪل سهولتن کي نقصان پهتو . ڏکڻ وزيستان ۾ به ڪارروايون جاري آهن.  طورخم سيڪٽر ۾ پاڪ فوج جي ڪارروائي دوارن افغان طالبان جي جهنڊا پوسٽ مڪمل طور تباهه ٿي وئي، ڪيترائي فتنته الخوارج  مارجڻ جا پڻ اطلاع مليا آهن. ان حوالي سان سيڪيورٽي ذريعن مطابق پاڪ فوج  16 مارچ جي رات ڪابل ۽ ننگرهار ۾ مختلف هنڌن تي افغان طالبان جي فوجي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو ويو۔ وزارت طلاعات ۽ نشريات افغان حڪومت جي دعوائن کي رد ڪندي واضع ڪيو آهي ته ڪاروايون صرف عسڪري تنصيبات ۽ دهشتگردي جي بنيادي ڍانچي جي خلاف ڪيون ويون آهن. سيڪيورٽي ذريعن مطابق پاڪ فوج ڪابل ۾ ٻن هنڌن تي ٽيڪنيڪل انفراسٽرڪچر ۽ بارودي ذخيرن کي تباهه ڪيو ويو، جتي ڌماڪن کانپوءِ لڳندڙ باهه وڏي مقدار ۾ بارود هجڻ جي تصديق ڪئي۔ ننگرهار ۾ به چئن هنڌن تي ڪارروائي ڪندي فوجي تنصيبات، لاجسٽڪ سپورٽ، ايمونيشن ۽ ٽيڪنيڪل سهولتن کي نقصان پهچايو ويو۔ وزارت اطلاعات اسپتال کي نشانو بڻائڻ وارن دعوائن کي به پروپيگنڊا قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو آهي.  وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پاڪستان آپريشن غضب للحق تحت سومر جي رات افغانستان تي فضائي حملا ڪيا، جنهن ۾ طالبان حڪومت جي انهن عسڪري جاين کي نشانو بڻايو ويو، جيڪي دهشتگردي لاءِ استعمال ٿي رهيون هيون. اڱاري جي صبح ايڪس تي هڪ پوسٽ ۾ عطاءُ الله تارڙ لکيو ته ڪابل ۾ ٻن جاين تي حملا ڪيا ويا، جنهن ۾ ٽيڪنيڪل سپورٽ جي انفرا اسٽرڪچر ۽ گولي بارود جي ذخيرن کي تباهه ڪيو ويو، حملن کانپوءِ انهن ئي جاين تي ٿيندڙ ڌماڪا نشاندهي ڪن ٿا ته اتي گولي بارود جو وڏو ذخيرو موجود هو. هن چيو ته ننگر هار ۾ به طالبان حڪومت جي انهن هنڌن کي نشانو بڻايو ويو، جن کي دهشتگردي جي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو ويو ۽ لاجسٽڪس، گولي بارود ۽ ٻئي ٽيڪنيڪي انفرا اسٽرڪچر کي تباهه ڪيو ويو.