پاڪ فوج لاءِ دعائون گهرو، الله کين دهشتگردي ختم ڪرڻ جي توفيق ڏئي: پاڳارو

ڊسمبر 13, 2024

مٺي/ ننگرپارڪر/ نئون ڪوٽ (نمائندن وٽان) حر جماعت جي روحاني پيشوا ۽ جي ڊي اي سربراهه پير پاڳاري ٿرڪلياڻ چوڪي جي ڳوٺ  سوندر ۾ عقيدتمندن کي ديدار ڪرايو. هزارين مريدن کي خطاب ڪندي پير پاڳاري جو چوڻ هو ته نياڻين کي پڙهايو، حر جماعت جي روحاني پيشوا پير پاڳاري جي دوري تي حر جماعت جي ماڻھن پاران  استقبال ڪيو ويو ، وک وک تي گلن جي ورکا ڪئي وئي ۽  ھر طرف ڀيڄ پاڳارا جي نعرن جي گونج هئي. ان موقعي تي  خانداني تاج ڪلنگي پائي خطاب ڪندي پيرپاڳاري چيو ته پنهنجي اولاد تي توجهه ڏيو ڇوته اهو ماءُ پي جو فرض آهي پنهنجي اولاد کي چڱي تربيت ۽ چڱي صحبت ڏيو، هن چيو ته جڏهن اولاد وڏو ٿئي ٿو ته ماءُ پيءُ لاءِ وقت گهٽ رهي ٿو، هن چيو ته مون کي وڏي خوشي ٿي آ جماعت ۾ آيو آهيان نياڻين سان مليو آهيان خدا جو احسان آهي نياڻيون پڙهي لکي ويون آهن خدا آئينده به ڪاميابي ڏئي، هن چيو ته درود ۽ سلام جو ورد ڪريو ، اوهان پنهنجي اولاد جي تعليم تي نياڻين جي تعليم تي توجهه ڏيو،   پير پاڳاري خطاب ڪندي چيو ته  نماز قائم ڪريو ۽ ھر نماز کان پوءِ پاڪستان ۽ پاڪستان جي فوج لاءِ دعا گھريو، هن چيو ته ملڪ مان دھشتگردي ختم ڪرڻ ۾ فوج جو اھم ڪردار آھي، باقي سياسي ڳالهين تائين محدود آهن، هن چيو ته الله تعالي فوج کي ملڪ مان مڪمل دھشتگردي ختم ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي، پيرپاڳاري چيو ته پاڙيسرين جو خيال ڪيو. پير پاڳارو خطاب کانپوءِ اجتماعي دعا گهري وئي ٻئي طرف پير پاڳارو، پنهنجي ٿرپارڪر جي روحاني  دوري دوران جي ڊي اي جي اڳواڻ ۽  وڏي وزير ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم ۽  ارباب ذڪاءُ ﷲ جي دعوت تي نئون ڪوٽ ويجھو “ارباب هائوس ڀٽارو” پهتو، جتي سندس سنڌ جي روايتي ۽ ثقافتي انداز ۾ شاندار آجيان ڪئي وئي،  پير پاڳاري جي ارباب هائوس تي آمد جي موقعي تي جي ڊي اي جا اهم اڳواڻ ارباب غلام رحيم، ارباب ذڪاءُ الله، حسنين مرزا، محمد خان جوڻيجو، خضر مڱريو ۽ تحريڪ انصاف اڳواڻ لال مالهي ۽ بيا موجود هئا. تقريب دوران پير پاڳاري کي سنڌ جا ثقافتي تحفا پيش ڪيا ويا، جڏهن ته سابق ايم اين اي  ارباب ذڪاءُ الله طرفان کين هڪ ڀلي نسل جو گھوڙو تحفي طور ڏنو ويو، پيرپاڳاري تقريب ۾ آيل اڳواڻن، ڪارڪنن، مريدن ۽ حاضرين جو شڪريو ادا ڪيو ۽ دعائون ڏنيون. مٺي ۾ اديب ۽ سماج سڌارڪ پيارو شيواڻي جي دعوت تي ٿر ڪيفي تي پهتو ته مريد به هوٽل ۾ داخل ٿي ويا ۽ نقصان پهتو جنهن تي پيرپاڳاري خطاب ۾ چيو ته لال مالهي جي دعوت ۾ به مريد اندر داخل ٿي ويا ۽ هن جو نقصان ڪيائون هتي به ائين ئي ٿيو آهي. مريدن کي روڪي نه ٿو سگهجي. نقصان تي معافي ٿو وٺان.

Leave A Comment