پاڪ فوج لائن آف ڪنٽرول جي ڀڃڪڙي تي ڀارتي ڪواڊ ڪاپٽر کي ڪيرائي ڇڏيو
اپريل 30, 2025
سڪيورٽي ذريعن موجب ڀمبر جي علائقي مناور سيڪٽر ۾ دشمن ڪواڊ ڪاپٽر ذريعي جاسوسيءَ جي ڪوشش ڪئي، پاڪ فوج ڀارتي ڪواڊ ڪاپٽر جي ايل او سي تي فضائي حدن جي ڀڃڪڙي ناڪام بڻائي ڇڏي،سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته بروقت ڪارروائي ڪري دشمن جي ڪُڌي ڪوشش کي ناڪام بڻايو، پاڪ فوج دشمن جي ڪنهن به جارحيت جو فوري ۽ موثر جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهي