احمد آباد(پنهنجي ڊيسڪ) عالمي ڪپ جي اهم ميچ ۾ پاڪستان جي بيٽنگ ڀارت خلاف ٻوٽو ٻاري نه سگهي ، پوري ٽيم 191 رنز تي ڍير ٿي وئي
ڀارتي شهر احمد آباد جي نريندر مودي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ ڀارتي ڪپتان روهيت شرما ٽاس کٽي پهرين پاڪستان کي بيٽنگ ڪرڻ جي دعوت ڏني
قومي ٽيم جا ٻئي اوپنر 41 رنز جي اوپننگ ڀائيواري جوڙي سگهيا، عبدالله شديق 20 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو جڏهن ته امام الحق 36 رنز ٺاهي پويلين واپس موٽيو
ڪپتان بابر اعظم ۽ محمد رضوان وچ۾ 82 رنز جي پارٽنرشپ قائم ٿي بابر ففٽي ٺاهي ۽ محمد رضوان 49 رنز تي آئوٽ ٿيا ته باقي بيٽر وڏي اننگ کيڏي نه سگهيا ۽ وقفي وقفي سان وڪيٽون ڪرنديون رهيون
عبدالله شفيق 20، سعود شڪيل 6، افتخار احمد 4 ۽ شاداب 2 رنس ٺاهي پويلين موٽي ويو، محمد نواز 4، حسن علي 12 ۽ حارث رئوف 2 رنس رنس تي آئوٽ ٿيا، قومي ٽيم 43 هين اوور ۾ 191 رنز تي ڍير ٿي وئي
ڀارتي ڪپتان روهت شرما جو ٽاس کٽي پهرين فيلڊنگ ڪرڻ جو فيصلو درست ثابت ٿيو، قومي ٽيم ڀارت کي وڏو هدف ڏيڻ ۾ ناڪام رهي
جواب ۾ ڀارتي ٽيم 2 وڪيٽون وڃائي 117 رنز ٺاهي ورتا هئا، ڪپتان روهيٽ شرما 65 ۽ شرياس آير 17 رنز تي ناٽ آئوٽ هئا، شبمن گل ۽ ويرات ڪوهلي 16-16 رنز ٺاهي آئوٽ ٿي چڪا هئا