اسلام ڪوٽ (رپورٽ: اسماعيل الطاف بجير) سال 1971 ۾ اسلام ڪوٽ ۽ ڀرپاسي جي علائقن مان پاڙيسري ملڪ لڏي ويلن جون ڇڏيل زمينون جعلي کاتا ٺاھي وڪرو ڪرڻ جو انڪشاف، جاچ پڙتال شروع ٿي وئي
اسلام ڪوٽ ۽ ڀرپاسي جي علائقن مان 1971 واري پاڪ- ڀارت جنگ کان پوءِ پاڙيسري ملڪ لڏي ويلن جون (اينيمي پراپرٽيز) زمينون بااثرن ۽ روينيو ڊپارٽمينٽ جي ملي ڀڳت سان جعلي کاتا ٺاھي وڪرو ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي
ان سلسلي ۾ مختيارڪار اسلام ڪوٽ جي نالي سان مختلف اخبارن ۾ شايع ٿيل اشتھارن بعد اسسٽنٽ ڪمشنر معاملي جو نوٽيس ورتو. ڄاڻايل اشتهار جي حوالي سان سنڌ اطلاعات کاتي سان پڻ لکپڙهه ڪئي وئي آهي
معلوم ٿيو آهي ته ڀارت لڏي ويل ھڪ ھندو خاندان جا 80 سروي نمبر اينيمي پراپرٽي ڄاڻائي کاتا ٺهرائڻ لاءِ اخبار ۾ لڳل اشتھار بعد روينيو کاتي جي هيراڦيري وائکي ٿي پئي
ذريعن موجب ڪجهه بااثر تپيدارن ۽ مختيارڪار سان ملي رشوت عيوض اينيمي پراپرٽين جا جعلي کاتا ٺهرائي وڪرو ڪري رهيا آھن
رابطو ڪرڻ تي اسسٽنٽ ڪمشنر اختر لاشاري ٻڌايو ته معاملي جي خبر پوڻ بعد جاچ شروع ڪئي وئي آهي، جڏهن ته مختيارڪار اسلام ڪوٽ عبدالغفار لاکير جو چوڻ ھو ته اشتھار متعلق ڪا ڄاڻ ناھي
واضح رھي ته اسلام ڪوٽ تعلقي تي گذريل ڏھن سالن کان ھڪ ئي تپيدار ھجڻ ڪري وڏي پيماني تي جعلي کاتا ٺاھڻ جو انڪشاف سامھون آيو آھي
ھوڏانھن روينيو کاتي خلاف ٿر واسين سوشل ميڊيا تي شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا آهن ۽ مطالبو ڪيو آهي ته اينيمي پراپرٽي جا جعلي کاتا ٺاهڻ ۾ ملوث روينيو عملدارن خلاف اعليٰ سطحي انڪوائري شروع ڪئي وڃي