پاڪ چين گڏيل منصوبن سان ترقي ٿيندي: صدر زرداري

چانگشا (م ڊ) صدر آصف علي زرداري چين جي صوبي هونان جي چانگشا ۾ سيني هيوي انڊسٽري جو دورو ڪيو صدر صنعتي تعاون ۽ ٽيڪنالاجي پارٽنرشپ تي زور ڏنو. ساني گروپ جي چيئرمين تانگ شيگو صدر کي ڪمپني جي جديد پيداواري نظام، شين ۽ تحقيق ۽ ترقي ۾ جاري سيڙپڪاري بابت آگاهه ڪيو. چانگشا جي وائيس ميئر ڪيوان ليڪسيا پڻ ان موقعي تي موجود هئي. دوري ۾ انجنيئرنگ، تعميراتي مشينري جي شعبي ۾ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ تعاون، ٽيڪنالاجي جي منتقلي ۽ سيڙپڪاري جي امڪانن جو جائزو ورتو ويو. صدر کي سيني هيوي انڊسٽري ڪمپني لميٽيڊ جي آپريشنز جو تفصيلي جائزو پڻ ڏنو ويو صدر کي ڪمپني جي فليگ شپ فيڪٽري جو دورو پڻ ڪرايو ويو، جيڪا پنهنجي ڊجيٽل طور تي مربوط پيداواري سهولتن، جديد آٽوميشن ۽ ڊيٽا تي هلندڙ پيداواري نظامن لاءِ نمايان آهي. صدر ٽيڪنالاجي جي وسيع انضمام، صنعتي پيداوار کي جديد بڻائڻ ۽ ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ جي اهميت کي ساراهيو ۽ چڍيو ته  گڏيل منصوبا پاڪستان جي انفراسٽرڪچر ۽ صنعتي ترقي ۾ مدد ڪري سگهن ٿا. سينيٽر سليم مانڊوي والا؛ سنڌ جا سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ؛ علي حسن بروهي؛ سنڌ جي وڏي وزير جو سيڙپڪاري ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ منصوبن بابت خاص مددگار سيد قاسم نويد قمر ۽ چيف سيڪريٽري سنڌ؛ پاڪستان ۾ چيني سفير جيانگ زي تنگ ۽ چين ۾ پاڪستاني سفير خليل هاشمي پڻ صدر سان گڏ هئا.