پاڪ_سعودي حڪومتن ۾ ايندڙ حج جي انتظامن جو معاهدو

پاڪ_سعودي حڪومتن ۾ ايندڙ حج جي انتظامن جو معاهدو

جده(م ڊ) سعودي عرب ۽ پاڪستان وچ ۾ حج 2026 جي انتظامن ۽ سهولتن بابت هڪ باضابطه معاهدو طئي ٿي ويو آهي. سعودي عرب جي نائب وزير حج ڊاڪٽر عبدالفتاح بن سليمان ۽ پاڪستان جي مذهبي معاملن واري سيڪريٽري عطاءُ الرحمان معاهدي تي صحيحون ڪيون. مذهبي معاملن واري وفاقي سيڪريٽري ڊاڪٽر سيد عطاءُ الرحمان سعودي حڪومت جو حاجين جي مهمان نوازي ۽ سهولتن جي فراهمي ۾ بهترين ڪوششن تي ٿورا مڃيا. مذهبي معاملن واري سيڪريٽري چيو ته گذريل سال وانگر هن سال به پاڪستاني حاجين کي اعليٰ معيار جون سهولتون فراهم ڪيون وينديون.  مذهبي معاملن واري وزارت سعودي حڪومت جي هدايتن مطابق سرڪاري ۽ خانگي حج اسڪيمن جي انتظامن کي بروقت ۽ اثرائتي انداز ۾ مڪمل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.