“پاڻيءَ خاطر جھيڙو آ ” تڪراري ڪئنال رٿا خلاف تحريڪ زور وٺي وئي: سڄي سنڌ ۾ ريليون: مظاهرا: ڌرڻا
مارچ 23, 2025
ڪراچي (نمائندن وٽان) تڪرار ڪئنال رٿا خلاف تحريڪ زور وٺي وئي، سڄي سنڌ ۾ ريليون، مظاهرا، ڌرڻا، ڪراچي ۾ عوامي ورڪرز پارٽي پاران صدف ٿلھو ۽ ابراھيم ٻرڙو جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو مظاھرو ڪيو ويو، ان موقعي تي لطيف آرٽ جي ٽيم سنڌو درياءَ بابت ٿيٽر پڻ پيش ڪيو، هوڏانهن ملير ۾ سنڌ سڀيتا پاران انعام سنڌي، وهاب سنڌي جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو ويو. ٻئي طرف ملير ۾ سجاڳ ٻار تحريڪ جي ٻارڙن ڀورا لال ڀيل ، فاطمه ملاڻو ، انمول ميمڻ ، پرڪاش ڪمار ، سنڌياڻي تحريڪ جي پرھه سومرو ، ماما علي محمد ڪلمتي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ گلشن حديد ۾ سنڌو چوڪ تائين ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو،حيدرآباد ۾ مختلف ڌرين مظاهرا ڪيا، ان ڏس ۾ سجاڳ ٻار تحريڪ جي مرڪزي صدر فاضل کوسو, سرمد خاصخيلي شعيب ڀٽو سوھان پليجو امجد ٽالپر مجيب رانٽو ۽ معصوم ٻارڙن جي اڳواڻي ۾ اولڊ ڪيمپس کان پريس ڪلب حيدرآباد تاعين ريلي ڪڍي وئي . ٻئي پاسي سنڌ ايگريڪلچر جنرل ورڪرز يونين ,ھوم بيسڊ وومين , نيشل ٽريڊ يونين , ھوم بيسڊ وومين ورڪرز فيڊريشن جي سڏ تي سنڌو درياء تي ڪينال ڪڍڻ خلاف اولڊ ڪيمپس کان ريلي ڪڍي حيدرآباد پريس ڪلب سامهون لال بخش سٺيو، جميلان خان، سڀاڳي ڀيل، فاطما لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.قمبر ۾ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي سڏ تي شاگردن، سياسي سماجي تنظيمن ۽ شهرين طرفان غوث بخش ٻرڙو، عزيز مارفاڻي، سمير گوپانگ، اياز چانڊيو،محمد علي هڪڙو، نور سولنگي،مھتاب شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ميرپورخاص ۾ عوامي ورڪز پارٽي پاران رمضان دل، حيدر لغاري، ذوالفقار شر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو ٺٽي ۾ سنڌ ڪلچرل فورم جي سڏ تي سنڌ ڪلچرل فورم سنڌ جي چيئرمين صادق لاکو، سماجي اڳواڻ منير ميمڻ، غلام نبي زنئور، آبادگار اڳواڻ شريف جاکرو، حنيف سومرو، چنيسر جاکرو، قومي عوامي تحريڪ جي ضلعي صدر ممتاز شيخ، سانوڻ بُرفت ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ 22 آر ڊي کان ڇتوچنڊ تائين 5 ڪلوميٽر پيادل مارچ ڪري زوردار نعريبازي ڪئي وئي ،ٺٽو ۾سجاگ ٻار تحريڪ ٺٽو پاران مالڪ چانڊيو ، حميد خشڪ ، فاضل بلاول لاشاري ، زينب خشڪ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مڪلي ويجهو ٺٽو غلام الله روڊ کان پبلڪ پارڪ مڪلي تائين احتجاجي ريلي ڪڍي سخت نعري بازي ڪئي وئي،ٽنڊو محمد خان ۾ عوامي تحريڪ سجاڳ ٻار تحريڪ جي طرفان دانش ڪمار ، اعظم پرهياڙ ، روهيت ڪمار جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو مظاهري ڪرڻ کانپوءِ ڦليلي روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو، ڄامشوري ۾ پاڻي جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي ۽ سنڌو درياھ تي نوان ڪئنال ٺاھڻ خلاف سنڌي ادبي سنگت شاخ سنڌ يونيورسٽي ۽ انجمن ترقي پسند مصنفين ڄامشورو پاران فھيم نوناري، ولي ڏاھري، محمد ايوب جوڻيجو ، ناصر پنھور، سافٽ ويئر انجنيئر ۽ ايپ ڊولپر علي حسن ملاح، وڪيل اڳواڻن غلام نبي چانڊيو، عبدالخالق مگسي، ايس يو پي اڳواڻ سرور برفت، سردار احمد چنا، حاڪم چانڊيو، ڪريم بخش بلوچ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، شھدادڪوٽ ۾ليڊيز ھيلٿ ورڪر ۽ گھريلو عورتن پاران شانل کوسو، روبينا چانڊيو، لال خاتون مغيري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ڪڙيو گهنور ۾ سنڌياڻي تحريڪ جي سڏ تي زرقا ھاليپوٽو، ريحانه ھاليپوٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نظاماڻي پمپ کان شھيد فاضل راھو چوڪ تائين ريلي ڪڍي ڌرڻو ھنيو ويو، ٽنڊوباگو ۾ سني رابطا ڪائونسل پاران مولانا عبدالله سنڌي، مفتي صدام حسين ڀٽي، ساجد حسين سمون، ساجد حسين فاروقي ۽ امير معاويه هاشمي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي ، چوهڙ جمالي ۾ جيئي سنڌ قومي معاذ تعلقي شاهبندر پاران منير آڪاش جمالي، برڪت جمالي، اياز آخوند، خان محمد جمالي، ڏاڏا جمالي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ درگاھه شاھه يقيق کان چوهڙ جمالي تائين پيادل مارچ ڪري پريس ڪلب چوهڙ جمالي آڏو ڌرڻو هنيو ويو، ملڪاڻي شريف ۾ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جساف جي سڏ تي سياسي سماجي ڌرين، آبادگارن، شاگردن، استادن ۽ شهرين ذاڪر لغاري، نجيد لغاري، باغي دلواڻي، نوي داس ريٻاري، حاجي علي نواز دلواڻي، حاڪم ميگهواڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي پنگريو جهڏو روڊ تي ڌرڻو هڻي ڇتي نعريبازي ڪئي، ڊگهڙي ۾ سجاڳ ٻار تحريڪ تعلقي ڊگھڙي پاران ثقافت جروار، هالار جروار، ايان جروار، زارا جروار، هشمت جروار، صنعان جروار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ڪارياڻو کان ريلي ڪڍي نصير ڪينال جي سڪل پيٽ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،جهڏو ۾ سڄاڳ ٻار تحريڪ پاران نور آفتاب ڪلوئي، مهراڻ ڪلوئي، اياز کوسو، چندي رام، قدير ٽالپر، ظفر کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾عوامي نگر پاڙي کان پراڻي نيشنل بينڪ چوڪ تائين ريلي ڪڍي احتجاج ڪري نعريبازي ڪئي وئي،شهدادپور ۾ رفيق جکرو، عالم لغاري، نديم ڪمار، سنڌو جکرو جي اڳواڻي ريلي ڪڍي مظاهرو ويو ،قاضي احمد ۾ فيض ڪيريو، اياز راھو، خالق ماڇي، محسن راهو ،ڊاڪٽر شبير چانڊيو.خير محمد سيال جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، صالح پٽ ۾ صحافين پاران غيرقانوني ڪئنال ڪڍڻ خلاف احتجاجي ريلي وئي ، مورو ۾ عوامي ورڪرز پارٽي پاران ڪامريڊ يونس راهو، فيض ڪيريو ڪامريڊ خالد ڪيريو جي اڳواڻي ۾ ريلي نڪتي، مورو ۾سجاڳ ٻار تحريڪ ۽ عوامي تحريڪ پاران فريد سولنگي سرمند سنڌي وڪيل نول ڪامران جواد سولنگي ۽ ٻين جي اڳواڻي مين روڊ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ڪوٽڙي ڪبير ۾ صحافي اتحاد پاران جاني شاھ، قاضي اياز عالم، غلام حسين چانگ، عبدالرزاق لاشاري جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي . واهي پانڌي ۾عوامي تحريڪ طرفان لال بروهي، منير برهماڻي، شيخ جمال برهماڻي، ميانداد برهماڻي، سڄاڳ ٻار تحريڪ جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو،ڪوٽڙي سائيٽ ۾ نوجوانن پاران مسلم ٽائون کان ڦاٽڪ تائين قادر آزاد پنهور، لونگ ملاح، خالد لاشاري، اعجاز سومرو، سوجھرو سنڌي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ مشعل بردار ريلي ڪڍي وئي. واهي پانڌي ۾ عوامي تحريڪ طرفان لال بروهي منير برهماڻي، شيخ جمال برهماڻي، ميانداد برهماڻي، سڄاڳ ٻار تحريڪ تعلقه جوهي آرگنائيزر عبدالوحيد بروهي جنرل سيڪريٽري پنهل برهماڻي ٻين جي اڳواڻي ۾ ڳوٺ دودو برهماڻي کان المرتضي چوڪ تائين ريلي ڪڍي ڪينال سمورا نامنظور جا نعرا ھنيا ويا ،ٽنڊي محمد خان ۾ سجاڳ ٻار تحريڪ طرفان دانش ڪمار ، اعظم پرهياڙ ، روهيت ڪمار ، ساگر گواريو ، ڀرت ڪمار ، منجو سنڌي ، رشيد لغاري ، سفيان ، بلال لغاري ، عوامي تحريڪ جي هرچند لال ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي جلوس ڪڍي پيادل مارچ ڪري ٽنڊو ڦليلي روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو . ٿاڻي بولاخان ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ ڪوھستان ايٽ ٿاڻوبولاخان جي سڏ تي خدا بخش وڪيجو غلام مصطفي ميمڻ ، غلام مصطفي کوسو ، شاھد موسو ، مقصود جهتيال ، ڀڳوان داس ڪوھستاني ، علاودين شھڻو ، اوڀايو کريئڙو ، امتياز بليدي ، سرفراز ٻاپڙاڻي ، عبدالرحمان گبول ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ پريس ڪلب ٿاڻوبولاخان کان شھيد بينظير چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو، مظاھري ۾ مختلف پارٽين جي اڳواڻن ۽ سياسي سماجي اڳواڻن ڀرپور شرڪت ڪئي. ميھڙ بار ايسوسيئشن پاران وڪيل سيد لعل شاه، محمد علي ڪانڌڙو، نجيب مھيسر، سعيد پنھور، منور جتوئي، آعظم خاصخيلي، داد محمد مگسي، انصاف جوڳرو، پنھل کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ميھڙ ڪورٽ ۾ ٽئين ڏينھن به ڪئمپ قائم ڪري احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو .