پاڻي بحران: سنڌ اسيمبلي ۾ متحده جو احتجاج: ايجنڊا جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون: اسپيڪر جي ڊائيس جو گهيراءُ: ڌمڪيون

پاڻي بحران: سنڌ اسيمبلي ۾ متحده جو احتجاج: ايجنڊا جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون: اسپيڪر جي ڊائيس جو گهيراءُ: ڌمڪيون

ڪراچي (رپورٽ:  شاهد ميراڻي) سنڌ اسيمبلي ۾  پاڻي کوٽ بابت ڳالهائڻ جي اجازت نه ملڻ تان ايم ڪيو ايم ميمبرز جو احتجاج، ايجنڊا جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون، اسپيڪر جي ڊائيس جو گهيراءُ، نعريبازي، متحده جي احتجاج دوران اسپيڪر ڪارروائي جاري رکي، هنگامي سبب ايوان مڇي مارڪيٽ بڻجي ويو، اپوزيشن ليڊر طرفان ايوان نه هلڻ ڏيڻ جي ڌمڪي، جيڪب آباد ۾ ڳوٺاڻن جي گهرن کي باهه ڏيڻ واري واقعي خلاف ٺهراءُ منظور، ڪالهوڪي اجلاس “ دعا کانپوءِ ڪارروائي جي شروعات ۾ ايم ڪيو ايم ميمبرن ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ پاڻي جي فراهمي نه ٿيڻ خلاف گوڙ شروع ڪيو، احتجاج دوران انهن ”ڪراچي کي پاڻي ڏيو“ جا نعرا هنيا، جنهن تي ڊپٽي اسپيڪر ميمبرن کي چيو ته پهريان سوالن جو وقت پورو ٿيڻ ڏيو، پوءِ اهو معاملو ٻڌو ويندو، جڏهن ته ايم ڪيو ايم ميمبرن ضد ڪيو ته هي اهم شهري مسئلو آهي، پهريان انهي تي بحث ٿيڻ گهرجي. جنهن دوران ايم ڪيو ايم ميمبرن اسپيڪر جي روسٽرم جو گهيراءُ ڪندي ڪارروائي جون ڪاپيون پڻ ڦاڙي ڇڏيون، ايوان ۾ گوڙ  دوران فشريز ۽ لائيو اسٽاڪ کاتي بابت سوالن جوابن  جو وقت شروع ٿيو،  گوڙ جي ڪري ڪجهه به  ٻڌڻ ۾ نه آيو، گوڙ دوران سوالن جوابن جو وقت ختم پڻ ٿي ويو. ايوان هلندياپوزيشن ليڊر علي خورشيدي ڌمڪي ڏني ته جيڪڏهن منهنجي آواز کي ايوان ۾ دٻايو ويو ته پوءِ ڪير به ڳالهائي نه سگهندو. بهتر آهي ته ڊپٽي اسپيڪر هتي مڇي مارڪيٽ بند ڪرائي . بعد ۾ اپوزيشن ليڊر جي تقرير دوران  پ پ ميمبرن ايم ڪيو ايم جي رويي تي به احتجاج شروع ڪيو. اپوزيشن ليڊر چيو ته حڪومتي ميمبر وساري رهيا آهن ته اهي حڪومت ۾ آهن. جڏهن اسان پنهنجن آفيسن ۾ ويٺل آهيون، اسان  وٽ ماڻهن جو هڪ ميڙ شڪايت کڻي اچي ٿو ته شهر ۾ پاڻي ناهي. گلشن اقبال ۽ اورنگي ۾ 2 ڏينهن کان صورتحال تمام گهڻي پريشان ڪندڙ آهي. ڪراچي جا شهري اڃايل آهن ۽ سڄو شهر ڪربلا جو منظر پيش ڪري رهيو آهي. جنهن تي قانون ۽ پارلياماني معاملن واري وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو ته مخالف ڌر جي دوستن کي پاڻي تي سياست نه ڪرڻ گهرجي، ڪراچي ۾ ڪي فور منصوبو هلي رهيو آهي. ايم ڪيو ايم وارا پاڻ وفاقي حڪومت ۾ شامل آهن، انهن کي وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪرڻ گهرجي ته اهو منصوبو جلد مڪمل ڪري. هن چيو ته شهر ۾ پاڻي جي فراهمي جاري آهي، حڪومت حب ڪئنال جي هڪ ٻي اسڪيم ٺاهي آهي،  جلد اورنگي ٽائون کي پاڻي فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. هن چيو ته شهر ۾ پاڻي جي چوري به هڪ وڏو مسئلو آهي. هن چيو ته ڪراچي ۾ ڪي-4 منصوبي کانسواءِ ضرورت مطابق پاڻي فراهم ڪرڻ ممڪن ناهي. جماعت اسلامي جي ميمبر محمد فاروق پنهنجي ڌيان ڇڪايو نوٽيس ۾ چيو ته منهنجي تڪ ۾ 36 انچ قطر جي سيوريج لائن  ڪري سڄي آبادي تلاءَ بڻجي وئي آهي. لائين تي ڪم تمام سست رفتاري سان ٿي رهيو آهي، عيد الاضحيٰ مٿان اچي رهي آهي. ه ايم ڊي واٽر بورڊ ۽ سي اي او وٽ اسان سان ڳالهائڻ ۽ ملڻ جو وقت ناهي. مڪاني وزير ناصر شاهه چيو ته هي هڪ اهم مسئلو آهي. منصوبي تي ڪم جاري آهي. اهو جلد مڪمل ٿيندو،. پي ٽي آءِ جي سجاد سومرو پنهنجي ڌيان ڇڪايو نوٽيس ۾ چيو ته منهنجي تڪ ۾ ڊرينيج ۽ پاڻي جو مسئلو آهي. مڪاني ادارن واري وزير ناصر شاهه چيو ته لياري اسان جو آهي. حڪومت لياري جي اهميت کي نظر ۾ رکندي پنج ارب رپين جون اسڪيمون انديون آهن سڄو پيڪيج پنجويهه ارب جو آهي.  آئون توهان سان گڏ لياري جو دورو به ڪندس ايوان جي ڪارروائي دوران ايم ڪيو ايم جي عامر صديقي  جو جيڪب آباد ۾ ماڻهن جا گهر ساڙڻ ۽ ذميوار پوليس اهلڪارن کي سزا ڏيڻ بابت ٺهراءُ منظور ڪيو ويو. گهرو وزير ضيا لنجار چيو ته هي اهم عوامي مسئلو آهي. اسان کي انهي قرارداد تي ڪو به اعتراض ناهي، اسان پنهنجي ايم پي اي صائمه آغا کي موڪليو آهي. اسان متاثرن جي مدد ڪنداسين سنڌ اسيمبلي سنڌ انسٽيٽيوٽ آف ريپروڊڪٽو هيلٿ ڪراچي جي قيام لاءِ بل کي اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتو . انهي کان اڳ بل بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي رپورٽ ندا کهڙو پيش ڪئي. بعد ۾ اجلاس اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪيو ويو