پاڻي تڪرار تان عورت سميت 4 ڄڻا مارجي ويا

جُون 5, 2025

خيبر(پنهنجي ڊيسڪ) پاڻي تڪرار تان فائرنگ، عورت سميت 4 ڄڻا مارجي ويا، خيبر ۾ پاڻي جي تڪرار تي جهيڙو ٿيو.پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو جمرود جي غنڊي علائقي ۾ پيش آيو، جتي پاڻي جي تڪرار تي فائرنگ ڪئي وئي هئي.

فائرنگ ۾ ٽي ماڻهو مارجي ويا، جن ۾ ٻه ڀائر به شامل آهن. فائرنگ ۾ هڪ عورت پڻ زخمي ٿي پئي هئي جنهن اسپتال ۾ علاج دوران دم ڏنو آهي.

پوليس وڌيڪ چيو ته واقعي کانپوءِ جوابدار فرار ٿي ويا آهن ۽ جن جي ڳولا جاري آهي.

لاڳاپيل پوسٽون

  • سنڌ ۾ پلاسٽڪ ٿيلهين تي پابندي، عوام اڻڄاڻ

  • حڪومت پئٽرول جا اگهه وڌائي ڇڏيا

  • رستم: ٻن ڀائرن سميت 3 ڄڻا مبينا اغوا

  • شڪارپو مان اغوا ٿيل نينگر بازياب