پاڻي روڪڻ اعلان جنگ: ڀارت سان واپار، واهگا ۽ هوائي حدون بند: شمله سوڌو سمورا معاهدا معطل ڪري سگهون ٿا: سلامتي ڪاميٽي

اپريل 25, 2025

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان ڀارتي قدمن جي جواب ۾ واهگا بارڊر، فضائي حدون ۽ ڀارت سان هر قسم جو واپار بند ڪري ڇڏيو، وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ قومي سلامتي ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سياسي ۽ عسڪري قيادت شرڪت ڪئي، اجلاس جي جاري ڪيل پڌرائي  ۾ واهگا بارڊر رستي ڀارت ۾ اچ وڃ معطل ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو، ڀارتي شهرين کي ڏنل سارڪ ويزا معطل ۽ رد ڪئي ويندي، پاڪستان ۾ موجود سِک ياترين کي ڇُوٽ هوندي، سمورن ڀارتي شهرين کي 48 ڪلاڪن ۾ پاڪستان ڇڏڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، اسلام آباد ۾ موجود ڀارتي دفاعي، بحري ۽ فضائي صلاحڪار اڻوڻندڙ شخصيتون قرار ڏيندي کين 30 اپريل تائين پاڪستان ڇڏڻ جي هدايت ڪئي وئي، پڌرائي موجب ڀارتي هاءِ ڪيمشن ۾ انهن عهدن کي ختم ڪيو ويندو، صلاحڪارن جي مددگار عملي کي به ڀارت واپس وڃڻ جو حڪم ڏنو ويو، ڀارتي ملڪيت يا آپريٽرز جي سمورين اُڏامن لاءِ فضائي حدون بند ڪيون ويون، قومي سلامتي ڪاميٽي جي اجلاس بابت پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۽ فوج ڪنهن به غلط عمل کي منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل تيار آهن، ڪشمير تي ڀارتي قبضو گڏيل قومن جي ٺهراءُ جي لاڳيتو ڀڃڪڙي آهي، پهلگام واقعي کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ ڀارت جي گهٽيا سوچ آهي، جڏهن ته پاڪستان ڀارت لاءِ فضائي حدون بند ڪرڻ جو نوٽم جاري ڪري ڇڏيو. سلامتي ڪاميٽي جي پڌرائي ۾ چيو ويو ته پاڻي پاڪستان جو اهم قومي مفاد آهي ۽ 24 ڪروڙ پاڪستانين جي لائف لائن آهي، پاڪستان پنهنجي لائن لائن جو هر قيمت تي تحفظ ڪندو، پاڻي روڪيو ويو ته ان کي جنگ جو قدم تصور ڪيو ويندو، پڌرائي ۾ چيو ويو ته پاڪستان شمله سوڌو سمورن ٻطرفن معاهدن کي معطل ڪرڻ جو حق رکي ٿو، پڌرائي ۾ اهو به چيو ويو ته پاڪستاني قوم امن جي خواهش رکي ٿي، پاڪستاني قوم پنهنجي خودمختياري، سلامتي، عزت ۽ حقن تي ڪا به سوديبازي نه ڪندي هوڏانهن قومي سلامتي ڪاميٽي جي اجلاس بعد وفاقي وزيرن جي گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پاڪستان جي ڪنهن به شهر ۾ ڀارت ڪارروائي ڪئي ته اُن جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو، بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو ته ڀارت پاڪستان جي سرزمين تي ايڊوينچر جو سوچيو به نتيجا ڀوڳڻا پوندا، جيڪڏهن اسان جي شهرين تي حملو ٿيو ته ڀارتي شهري به محفوظ نه رهندا، افغانستان ۾ موجود ٽي ٽي پي سوڌو ٻين دهشتگردن جا پيرا ڀارت ڏانهن وڃن ٿا، ڀارت کي پلواما جهڙو ڀرپور جواب ڏنو ويندو، اسان ڪنهن به عالمي دٻاءُ ۾ اچڻ وارا نه آهيون، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو ته ڀارت سنڌ طاس معاهدو ختم ڪيو ته پاڪستان شمله معاهدو معطل ڪري سگهي ٿو، نئين دهلي ۾ پاڪستاني ناظم الامور کي ڏنل ڊيمارش ۾ سنڌ طاس معاهدو معطل ڪرڻ جو ذڪر ٿيل نه آهي، ڀارت پاڪستاني سفارتخاني جي سيڪيورٽي واپس ورتي ته اسان به ائين ئي ڪنداسين.

 

Leave A Comment