پاڻي زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي: بلاول

مارچ 11, 2025

اسلام آباد( رپورٽر )پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڻي زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي، پيپلز پارٽي مٿان خاموش رهڻ وارا الزام ڪوڙ تي ٻڌل آهن، اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پ  پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته  ڪئنالن تي سنڌ کي شديد خدشا آهن، صدر  زرداري ڪئنالن جي معاملي تي هاڪاري انداز ۾  حڪومت کي خبردار ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته  صدر زرداري حڪومت جي هڪ طرفين پاليسين تي ڳالهايو، ڪئنال منصوبي سبب وفاق تي سواليا  نشان لڳي رهيا آهن، پ پ چيئرمين وڌيڪ چيو ته وفاق حڪومت ڪينالن تي صدر آصف علي زرداري جا خدشا ختم ڪرڻ ۽ مسئلو حل ڪرڻ لاءِ ضرور راضي ٿيندي ، هن چيو ته  اسان جيڪڏهن حڪومت جو مڪمل ساٿ ڏيون ها ته وفاق ۾ حصو هجون ها، پ پ چيئرمين جو چوڻ هو ته اڃا تائين مڪمل طور تي اعتماد سازي ناهي ٿي جو هنن جي حڪومت جو حصو بڻجون، جتي عوامي مسئلا بهتر ٿيا آهن اتي معيشت به بهتر ٿي آهي ان جي واکاڻ ۽ ان جو ساٿ ڏيڻ اسان جو فرض آهي

Leave A Comment