ڪراچي(پنهنجي ڊيسڪ) پاڻي ماهرن سنڌو درياهه جو رخ موڙڻ بابت مڪمل انگ اکر ظاهر نه ڪرڻ تي ڳڻتي ظاهر ڪري ڇڏي آهي
ٽائيم نيوز جي لائيو نشريات ۾ ڳالهائيندي پاڻي ماهرن ڀاشا ڊيم لاءِ سنڌو درياهه جو رخ موڙڻ لاءِ پاڻي جي کڻت، ٽنل ۽ ڪينال جي مدي، ايڪو سسٽم کي ٿيندڙ نقصان ۽ ربيع ۾ پاڻي جي رفتار بابت وضاحت نه ٿيڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو
پاڻي ماهر ۽ اڳوڻي ارسا چيئرمين نورمحمد بلوچ چيو ته واپڊا اختيارين کي ٽنل گنجائش بابت وضاحت ڪرڻي پوندي ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن اهو ڊگهي مدي لاءِ کوٽيو ويو آهي ته ان سان سنڌ کي پاڻي کوٽ کي منهن ڏيئڻو پوندو
سندس چوڻ هو ته درياهه جو رخ موڙڻ کانسواءِ ڊيم نٿو ٺهي سگهي ۽ ڊيم ڀرڻ سان کوٽ دوارن فائدو ٿي سگهي ٿو پر اها وضاحت ڪرڻي پوندي ته ان جي سطح ڪيتري آهي جيڪڏهن لاڳيتو پاڻي کنيو ويو ته نقصان ٿيندو
اڳوڻي آبپاشي سيڪريٽري فضل الله قريشي جو چوڻ هو ته خريف ۾ پاڻي جي کوٽ هوندي آهي جيڪڏهن مٿان کان فراهمي گهٽ ٿئي ٿي ته پوءِ سنڌ کي ان جو نقصان ٿي سگهي ٿو
سندس چوڻ هو ته هن وقت به 7 لک ڪيوسڪ تائين پاڻي اچي ٿو جيڪڏهن ڀاشا ڊيم کي ڀرڻ لاءِ پاڻي جي لاڳيتو فراهمي جاري رهي ٿي ته پوءِ خريف ۾ سنڌ کي پاڻي گهٽ ملي سگهي ٿو
هن چيو ته هي عارضي فيز آهي پر هي منصوبو تربيلا کان به وڏو آهي انڪري واپڊا اختياريون توڙي ارسا هن منصوبي جي فائدي ۽ نقصان بابت مڪمل اسٽڊي ۽ انگ اکر ظاهر ڪن
سينئر صحافي ممتاز بخاري چيو ته واپڊا چيئرمين کي پاڻي گذارڻ بابت بريفنگ نه ڏني وئي آهي هي ديا مر ڀاشا ڊيم جو ٻيو مرحلو آهي جنهن تي ڪم شروع ڪيو ويو آهي جڏهن ته هي ٻيو ڪاپر ڊيم هوندو
سندس چوڻ هو ته هي پارجيڪٽ انڊس جي ويجهو آهي انڪري ايڪو رور سسٽم کي نقصان پهچي سگهي ٿو ان بابت واپدا اختيارين کي وضاحت ڪرڻي پوندي