پاڻي ناهي، ڪئنال ڪئين ٺهندا؟ سٺو ٿيو سياسي نابالغ ڳالهين لاءِ راضي ٿيا: مراد شاهه
ڊسمبر 24, 2024
نئون ديرو (رپورٽ: نورمحمد سومرو) مان سياسي شاگرد هجڻ جي ناتي چوان ٿو ته جيڪي به اختلاف هوندا آهن اهي ڳالهين ذريعي ختم ٿي ويندا آهن پر پي ٽي آءِ وارن اتفاق سان هڪ شخص لاءِ پوري ملڪ کي داءَ تي لڳائي ڇڏيو. جيڪو 9 مئي تي ٿيو ۽ تازو 26 نومبر تي ٻيهر اسلام آباد ۾ ڪيو ويو، مون کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي پر سٺو آهي ته انهن سوچيو ته ڳالهيون ڪرڻيون آهن، پهريان ته پي ٽي آءِ وارن کي سمجهه ۾ نه پيو اچي ته ڪنهن سان ڳالهيون ڪرڻيون آهن يا ناهن ڪرڻيون ۽ انهن جي ڪهڙي ٽيم آهي، جيڪا ڳالهيون ڪندي سياسي طور تي نابالغ آهن پر هاڻ مون کي اميد آهي ته اهي ڪجهه سکيا هوندا. سياسي طريقي سان ڳالهين ذريعي پنهنجا مسئلا ختم ڪري سگهجن ٿا، اهڙن خيالن اظهار سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 17 هين ورسي جي انتظامن جو جائزو وٺڻ دوران ڪيو، سيد مراد علي شاهه ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچي شهيد محترمه بينظير ڀٽو، قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، بيگم نصرت ڀٽو ۽ ٻين شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀري گل رکي فاتحه خواني ڪئي، جنهن بعد وڏي وزير ميڊيا سان ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته 27 هين ڊسمبر تي شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي 17 هين ورسي جي انتظامن جو جائزو وٺڻ ۽ عملدارن سان ميٽنگ ڪرڻ لاءِ ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهتو آهيان، شهيد بيبي جي ورسيءَ جي موقعي تي لکن جي تعداد ۾ ماڻهون شهيد بيبي کي سلام ڪرڻ ڳڙهي خدابخش ڀٽو ايندا آهن، ورسي تقريب جي مک جلسي کي صدر پاڪستان آصف علي زرداري، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ملڪي صورتحال ۽ پيش ايندڙ مشڪلاتن تي اهم خطاب ڪندا، ڪراچي ۾ گهرج مطابق اڌ آباديءَ لاءِ پاڻي موجود آهي، اتفاق سان ڪجهه ڏينهن پهريان پاڻي جي پائيپ لائين ۾ خرابي اچي وئي هئي جنهن سبب تورڙو مسئلو پيدا ٿيو، ڌاٻيجي ۾ پڻ مسئلو پيش آيو پر حڪومت سنڌ نه صرف ڪي فور جو هڪ حصو وفاق جو آهي پر ان جا ٽي حصا آهن جن تي سنڌ حڪومت ڪم ڪري رهي آهي، حب ڊيم مان پاڻي آڻڻ لاءِ اسان هڪ نئين ندي جوڙائي رهيا آهيون ۽ ان ۾ اسان ڪنهن کان به مدد نه ورتي آهي، ۽ پاڻ ڪم ڪري رهيا آهيون، اپريل يا مئي تائين ڪم پورو ٿي ويندو، وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته ڪئنال ان ڪري نه ٺهندا جو پاڻي آهي ئي ڪو نه، پاڻي سسٽم ۾ موجود ئي نه آهي، اسان جو ڪالاباغ ڊيم تي به اهو ئي اعتراض هو ته توهان ڊيم ڀل ٺاهيو پر ان کي ڀريندا ڇاسان هوا سان ته ڊيم نه ڀربو آهي، اسان کي سڀ کان پهريان ته پاڻي جي بچت کي ڏسڻو پوندو ان تي ڪم جيترو پاڪستان پيپلز پارٽي جي سنڌحڪومت ڪيو آهي اسان لائينگ تي ڪيترا منصوبا جوڙيا آهن، صدر آصف علي زرداري جي پهرين ترجيح آهي ته اسان پلاننگ ڪيون ته جيئن اسان پاڻي بچائي سگهون جهڙي طرح سان آبادي وڌي رهي آهي تئين وڌيڪ پوکائي ڪرڻي آهي، اسان کي پهريان پاڻي جي گهرج کي ڏسڻو آهي ڊيم ۾ پاڻي ان وقت گڏ ڪبو جڏهن پاڻي وڌيڪ هوندو آهي، سارين جي وقت به اسان کي پاڻي وڌيڪ نه هوندو آهي پاڻي جي منصوبن لاءِ آئين ۾ واضح لکيل آهي ته جيڪڏهن ڪنهن ڌر کي اختلاف آهي ته ويهي ڳالهيون ڪجن. هڪ کان چار گريڊ جون نوڪريون گذريل حڪومت ۾ اسان ڏنيون هيون پر اتفاق سان ڪجھ ماڻهون ڪورٽن ۾ ويا ۽ ڪورٽن خبر ناهي ڇا سمجهو ۽ ڪورٽن اهي ڪينسل ڪرائي ڇڏيون،اسان جي ٻيهر حڪومت اچڻ جي ستن مهينن تائين ڪورٽن ۾ ڦاٿل رهيا ۽ هاڻ ڪورٽن مان ڪليئر ٿي ويا آهن، مان ته ڪورٽن ۾ چيو هو ته مان ٻيهر ڀرتي ٿو ڪيان پر اها ڳالهه به نه ٻڌي وئي، هئي انشاالله ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ ان تي ڪم مڪمل ڪيو ويندو. امن امان جي صورتحال پهريان کان ڪجھ بهتر ٿي آهي، جڏهن اسان حڪومت ڇڏي ۽ 8 مهينن بعد ٻيهر حڪومت سنڀالي ته حالات خراب هئا. خاص طور تي ٽن ضلعن ڪشمور، گهوٽڪي ۽ شڪارپور جي ضلعن ۾ حالتون وڌيڪ خراب هيون ۽ انهن جو اثر لاڙڪاڻي سميت ٻين ضلعن تي پئجي رهيو هو. شڪارپور ضلعي اندر اسان ڌاڙيلن جي گهر تائين وياسين ڪيترن کي جهنم موڪلي ڇڏيو. ڌاڙِيلن کان خالي ڪرايل علائقن ۾ اسان تعميراتي ڪم ڪرائينداسين. ڪٿي اسڪول، اسپتال، روڊن سميت جيڪي به مسئلا آهن ان تي حڪومت ڪم رهي آهي. ڪشمور ضلعي ۾ بهتر ڪاميابي ملي آهي، گهوٽڪي پهريان کان تمام گهڻي بهتر آهي. مان ائين نه ٿو چوان ته مڪمل بهتر ٿي آهي پر پهريان کان بهتر آهي. 2007ع ۾ سکر کان لکي ۽ لاڙڪاڻي تائين ڪانوائي ۾ ماڻهون ايندا ويندا هئا. مزارن تي حاضري ڀرڻ بعد سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ڪيئر ٽيڪر آفيس ۾ مزار تي انتظامي عملدارن سان اهم اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. جتي وزير اعليٰ سنڌ کي انتظامي عملدارن پاران ورسي انتظامن بابت آگاهي ڏني وئي ۽ سيڪيورٽي پلان بابت تفصيلي آگاهه ڪيو ويو.