ٺٽو(رپورٽر) ٺٽي ۽ مڪلي ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ، بجلي توڙي گئس جي لوڊشيڊنگ خلاف شٽربند هڙتال ڪئي وئي آهي، عدالتي ڪارروائين جو به بائيڪاٽ ڪيو ويو
شهرين جي سڏ تي ڪاروباري مرڪز ۽ پئٽرول پمپ بند پيل آهن، شهرين جو چوڻ آهي ته ٺٽي شهر ۽ مڪلي ۾ 3مهينن کان پاڻي اڻلڀ آهي، گئس ۽ بجلي جي لوڊشيڊنگ عذاب ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي
ايڊووڪيٽ اعزاز شاهه چيو ته وڪيل برادري شھرين سان مسئلن جي حل لاءِ گڏ آھي، عدالتن ۾ پٽيشنون داخل ڪرايون وينديون
شهرين پاران آچر ڏينهن مڪلي باءِ پاس وٽ ٺٽو ڪراچي ۽ بدين قومي شاهراهه تي اڻڄاتل مدي تائين ڌرڻي جو چتاءُ ڏنو ويو آهي