پاڻي نٿو ملي: قاضي احمد ۾ آبادگارن جون آصفه آڏو دانهون
مَي 10, 2025
قاضي احمد(ن پ ا) پ پ ايم اين اي آصفه ڀٽو زرداري ۽ صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرهه پيچوهو جي قاضي احمد اچڻ دوران آبادگارن پاران داد ڊويزن مان نڪرندڙ مير رڪڻ شاخ جي پڇڙي تائين پاڻي نه پهچڻ خلاف دانھيو، مقامي آبادگارن عبدالرزاق ڌاريجو ۽ پ پ ڪارڪن رضا ڌاريجو ڄاڻايل شاخ جي پڇڙي تائين پاڻي نه پهچڻ جي شڪايت ڪئي، جنهن تي آصفه ڀٽو زرداري فوري طور تي مير رڪڻ شاخ جي ٽيل ۾ زرعي پاڻي پهچائڻ جي هدايت ڪئي، جنهن بعد آبپاشي انجنيئر ۽ داروغي آبادگارن سان رابطو ڪري پاڻي پهچائڻ جي خاطري ڪرائي.