پاڻي وسيلن کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ تي ڳڻتي آهي، ڀارت سنڌ طاس معاهدو بحال ڪري: صدر زرداري

پاڻي وسيلن کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ تي ڳڻتي آهي، ڀارت سنڌ طاس معاهدو بحال ڪري: صدر زرداري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته ڀارت طرفان گڏيل آبي وسيلن کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ تي ڳڻتي آهي، پاڻيءَ جي عالمي ڏهاڙي تي صدر مملڪت پنهنجي پيغام ۾ چيو  ته سنڌ طاس معاهدو خطي ۾ پاڻي جي منصفاڻي ورڇ جو ِضامن آهي، ڀارت سان سنڌ طاس معاهدي تي مڪمل عملدرآمد بحال ڪرڻ جو مطالبو ڪريون ٿا پر اسان کي ڀارت طرفان هائڊرولوجيڪل ڊيٽا شيئرنگ ۾ رڪاوٽ  تي خدشو آهي، صدر زرداري چيو ته پاڻي جي عالمي ڏهاڙي تي هيل اسان  کي پاڻي ۽ صنف جي موضوع طرف ڌيان ڇڪائڻو آهي، صاف پاڻي جي گهٽتائي جو بار عورتن ۽ نينگرين تي وڌيڪ آهي،پاڪستان جي ڪيترن ئي علائقن ۾ عوام غيرمحفوظ آبي وسيلن  تي ڀاڙي رهيو آهي،پاڻي ڀرڻ لاءِ عورتن جو قيمتي وقت ضايع ٿي رهيو آهي،صاف پاڻي جي رسائي بنيادي حق آهي، پاڻي جي محفوظ فراهمي کي قومي ترجيح ۾ شامل ڪرڻ گهرجي، آبي وسيلن  جي موثر انتظام ۽ سيڙپڪاري جي ضرورت آهي، برسات جي پاڻي کي محفوظ بڻائڻ جي قدمن جي اهميت اجاڳر ڪئي وڃي، عوامي سطح تي ننڍن قدمن سان وڏا نتيجا ممڪن آهن، موسمياتي تبديلي ۽ آباديءَ ۾ اضافو آبي وسيلن تي دٻاءُ آهي، پاڻي جي استعمال ۾ احتياط جي ضرورت آهي.