پاڻي وهڪرن ۾ واڌ، ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم مان انڊس ڊيلٽا ۾ 10 هزار ڪيوسڪ پاڻي ڇوڙ
جُولاءِ 4, 2025
ٺٽو (پنهنجي ڊيسڪ) ملڪ جي مٿانهين علائقن ۾مسلسل برساتن کانپوءِ سنڌو درياهه جي وهڪرن ۾ تيزي سان اضافو ٿيڻ لڳو آهي، ڊيم ڀرجڻ سان گڏ دريائي وهڪرا وڌڻ شروع ٿي ويا آهن
موسمياتي ماهرن جو چوڻ آهي ته سنڌو درياهه ۾ڪوٽڙي بئراج تائين جولاءِ مهيني جي آخر تائين ننڍي ٻوڏ واري صورتحال ٿي سگهي ٿي، ڪوٽڙي بئراج تي وهڪرن ۾ بهتري کانپوءِ ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ سمنڊ ڏانهن 10 هزار ڪيوسڪس پاڻي ڇوڙ ڪرايو ويو آهي.
ڪوٽڙي بئراج تي ڪافي مهينن کان وٺي جاري پاڻي جي سنگين کوٽ واري صورتحال ختم ٿيڻ بعد مٿانهون وهڪرو 51 هزار 3 سئو 75 ڪيوسڪ تي پهچي ويوآهي لاءِ ڪافي وقت کانپوءِ 10 هزار ڪيوسڪس جو ڇوڙ ڪيو ويو آهي.
سکر بئراج جو مٿانهون وهڪرو وڌي هڪ لک 3 هزار 3 سئو 30 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 54 هزار 7 سئو 70 ڪيوسڪس رڪارڊ ڪيو ويو.
جڏهن ته گڊو بئراج جو مٿانهون وهڪرو وڌي هڪ لک 62 هزار 5 سئو 46 ڪيوسڪ تي پهچڻ بعد هيٺانهون وهڪرو هڪ لک 22 هزار 7 سئو 17 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو.
ملڪ جي مٿانهين علائقن ۾ مسلسل برساتن سبب تونسا، چشما، تربيلا ۾ تيزي سان اضافي جو سلسلو جاري ڊيمن جي ڀرجڻ سان گڏوگڏ دريا وهڪرن ۾ به زبردست واڌ اچي وئي آهي،
موسمياتي ماهرن موجب هن مهيني پوري ملڪ ۾ وقفي وقفي سان زوردار برساتن جو امڪان برقرار آھي، جنهنڪري سنڌو درياءُ ۾ڪوٽڙي بئراج تائين ننڍي ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي.