پاڻي ڏيو: دوڙ لڳ آبادگارن جو نٽهڻ اس ۾ مهراڻ هاءِ وي تي ڌرڻو: ٽريفڪ بلاڪ

پاڻي ڏيو: دوڙ لڳ آبادگارن جو نٽهڻ اس ۾ مهراڻ هاءِ وي تي ڌرڻو: ٽريفڪ بلاڪ

دوڙ (ن پ ا) پاڻي ڏيو: آبادگارن جو نٽهڻ اس ۾ مهراڻ هاءِ وي تي ڌرڻو: ٽريفڪ بلاڪ، ان ڏس ۾  دوڙ جي جيمس ۽ ڊولو مائنر جي سوين آبادگارن يوسي چيئرمين حاجي بلاول ڪيريو ۽ عورت آبادگار امام زادي جمالي جي اڳواڻي ۾ پاڻيءَ جي هٿرادو وارابندي،  واٽر ڪورس لٽڻ ۽ آبادگارن تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف لاشاري اسٽاپ وٽ مهراڻ هاءِ وي تي سخت گرميءَ ۾ ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، احتجاج سبب  ٻنهي پاسن کان سوين گاڏيون بيهجي ويون، ان موقعي تي آبادگارن حاجي بلاول ڪيريو، امام زادي جمالي، عبدالشڪور زرداري، عزيز الله لسڪاڻي، مير حسن ڪيريو، طارق ديناري، شاهنواز ڪيريو، فتح محمد بروهي، عبدالعزيز رند ۽ ٻين چيو ته آبپاشي عملدار هٿرادو وارابندي ڪري بااثر ڌرين کي پاڻي فراهم ڪري رهيا آهن، جيمس ۽ ڊولو مائنر جي آبادگارن کي سندن جائز حصي جو پاڻي نه ٿو ملي، جنهن سبب سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل سڪي تباھ ٿي ويا آهن، آبادگارن کي لکين رپين جو نقصان پهچايو پيو وڃي،  آبپاشي انتظاميه اسان جو آواز دٻائڻ لاءِ آبادگارن خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪري کين هراسان ڪري رهي آهي، جيڪو سراسر ظلم ۽ ناانصافي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته داخل ڪيس واپس وٺي هٿرادو وارابندي ختم ڪري پاڻي ڏنو وڃي، 4 ڪلاڪن جي  ڌرڻي بعد ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين علي اڪبر جمالي، پ پ دوڙ جي صدر حاجي ابرار گورچاڻي، ڊي ايس پي دوڙ  پهچي آبادگارن سان ڳالهيون ڪيون، ضلعي چيئرمين علي اڪبر جمالي ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته ڊولو مائنر جي آبادگارن سان تمام گهڻيون ناانصافيون ٿيون آهن، اسان سندن جائز مسئلا حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي، هوڏانهن آبادگارن خاطرين بعد ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو