پاڻي ڏيو: وڏي وزير جي آمد تي ڀينس ڪالوني واسين جو ڌرڻو

پاڻي ڏيو: وڏي وزير جي آمد تي ڀينس ڪالوني واسين جو ڌرڻو

ملير (رپورٽر) وزير اعليٰ سنڌ جي ڀينس ڪالوني آمد جي موقعي تي پيئڻ جو پاڻي جي کوٽ خلاف ڀينس ڪالوني موڙ تي رهواسين جو پلي ڪارڊ کڻي احتجاج، پاڻي ناهي ڇو ڀلا ڪربلا ڪربلا جي نعريبازي، رهواسين دانهيندي چيو ته ڀينس ڪالوني موڙ جي علائقي ۾ پاڻي جي شديد کوٽ آهي، رهواسي پيئڻ جي پاڻي لاءِ پريشان آهن جنهن ڪري اسان مجبور ٿي اڄ وزيراعليٰ آڏو احتجاج ڪري رهيا آهيون.