پاڻي کڻڻ نه ڏينداسين،ائين نه ٿئي سڀاڻي لاش ميڙيون: سردار شاهه

مارچ 13, 2025

ڪراچي ( رپورٽر ) صوبائي وزير سردار شاھ  چيو آهي ته  شاعر طورسمجهان ٿو درياھ رڳو درياھ نه اهو زندگي ۽ خوشين جو وسيلو آهي ، سنڌي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي سردار شاهه چيو ته  تهذيبون درياهن تي ٺھيون  هن تهذيب ۾ جوڳين موجب هماليه بابت گهڻيون ڳالهيون ڪيون، انسانن جن تهذيب ۽ تجربن سان هن ڌرتي سان زيادتيون ڪيون آهن، هن چيو ته   اڄ حالت اها آهي درياھ کي زنجيرون هڻي ڇڏيون آهن صوبائي وزير چيو ته  1980 ۾ پر ڪيپيٽل 80 ڪيوبڪ هاڻ هزار ڪيوبڪ ميٽر کان ڪري چڪو آهي ، سندس چوڻ هو ته  سڀاڻي اسان جي نسلن کي گلاس پاڻي به ملندو يا نه؟ صوبائي وزير چيو ته  پنجاب ڪڏهن سروي ڪيو آهي ته پاڻي کوٽ ڪيتري آهي؟ پنجاب ۾ اهڙا ڪهڙا ماهر ويٺا آهن اهي گلستان کي برباد ڪري ريگستان آباد ڪرڻ جي ڪوشش پيا ڪن، سردار شاهه چيو ته  سال ۾ 18 بلين ڪيوبڪ پاڻي ڊسچارج ڪئي پئي وڃي  سرائيڪين جي نالي تي ترقي ۾ اوهان انهن کي برباد پيا ڪيو، هن چيو ته هائيدرالاجي موجب طالع آزمائي ۾ اسان بچيل هارمني لوز ڪئي پئي وڃي  ڀارت جو تجربو اسان جي سامهون آهي اهو ٿي نه سگهندو، هن چيو ته  اوهان سحرا کي آباد ڪرڻ لاءِ گلستان برباد نه ڪيو سڀاڻي ايئن نه ٿيو ملڪ بچائڻ لاءِ آسڻ گهڻو ڪيو  ايئن نه ٿيو سڀاڻي اسان رڳو لاش ميڙيندا رهون

Leave A Comment