| پاڻي ۾ چاڙهه، گڊو بئراج تي وچولي ٻوڏ ڊڪليئر |
گڊو(ن پ ا) گڊو بيئراج جي ڪچي ۾ وچولي ٻوڏ ڊڪليئر ٿي وئي آھي، ھن وقت گڊو بيئراج تي پاڻي جو مٿانھون وھڪرو 3 لک 83 هزار 685 ڪيوسڪ جڏھن ته پاڻي جو ھيٺانھون وھڪرو 3 لک 45 هزار 191 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آھي،گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 34 هزار ڪيوسڪ جي واڌ ٿي آھي آبپاشي کاتي موجب صورتحال نارمل ۽ مڪمل ڪنٽرول ۾ آهي جيڪڏھن وڌيڪ مون سون برساتن جي صورت ۾ پاڻي جي سطح وڌي سگهي ٿي ٻئي پاسي انتظاميه جو وڌيڪ چوڻ آھي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران گڊو بيراج تي پاڻي جي سطح گهٽجڻ جي اميد آهي