پاڻ کي عظيم نٿو سمجهان، ڏسندڙ خاميون پڪڙي سگهن ٿا: سلمان خان  

جده (ڪلچرل ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار دبنگ خان سلمان خان چيو آهي ته آئون پاڻ کي عظيم اداڪار نٿو سمجهان، هتي ريڊ سي فلم فيسٽول دوران ڳالهائيندي هن چيو ته ”آئون پاڻ کي عظيم اداڪار نٿو سمجهان، ڏسندڙ منهنجون خاميون پڪڙي سگهن ٿا پر توهان مون کي اداڪاري ڪندي پڪڙي نٿا سگهو، ڇو ته آئون  اداڪاري ڪري ئي نٿو سگهان.