پاڻ ۾ نٿا ٺهن، عوام جي خدمت ڪندا ؟ ميرپورخاص جي ميئرشپ تي پ پ قيادت ۾ اختلاف

مَي 24, 2023

ميرپورخاص(رپورٽ: فهد سلطان چانڊيو)ميرپورخاص ميونسپل ڪارپوريشن تي پ پ اڪثريت حاصل ڪرڻ بعد ميئر ۽ ڊپٽي ميئر لاءِ اميدوارن جي نالن تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي، ذريعن موجب ضلعي قيادت ۾ اختلافن سبب اڃا تائين ڪنهن به نالي تي اتفاق نه ٿي سگهيو آهي

پ پ جي ذريعن موجب ڪجھه ڏينهن اڳ زرداري هائوس تي اجلاس ٿيو جنهن ۾ ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين,وائس چيئرمين ۽ 7 ٽائون ڪميٽين تي نالا فائنل ٿي چڪا هئا پر ضلعي جي هڪ ميونسپل ڪارپوريشن جي ميئر ۽ ڊپٽي ميئر لاء نالا فائنل نه ٿي سگهيا

 پارٽي ذريعن موجب ضلعي جي اڳواڻن ۾ اختلاف سبب ڪو به نالو ميئر ۽ ڊپٽي ميئر لاء فائنل نه ٿي سگهيو جنهن کانپوء معاملو پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڏانهن موڪليو ويو آهي هاڻ ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي نالي جو حتمي فيصلو بلاول ڀٽو زرداري ڪندو

ميئر ۽ ڊپٽي ميئر لاءِ جيلاني خاندان جو سربراهه ڊويزنل صدر پير آفتاب حسين شاهه جيلاني ميرپورخاص ايم پي اي ۽ اڳوڻي صوبائي وزير هري رام ڪشوري جي پٽ ڪرن ڪمار کي ميئر جي ڪرسي تي وهارڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيو آهي

 پ پ ميرپورخاص سٽي جو جنرل سيڪريٽري جنيد بلند بلاول هائوس تي سٺا لاڳاپا هئڻ سبب ميئر جي ڪرسي لاءِ مظبوط اميدوار آهي جڏهن ته ميئر لاءِ جنيد بلند ۽ ڪرن ڪمار ۾ سخت مقابلو آهي، ٻنهي اميدوارن ڪراچي ۾ ديرو ڄمائي ورتو آهي

 ٻئي پاسي ميونسپل ڪارپوريشن ميرپورخاص جو ميئر ۽ ڊپٽي ميئر پاڪستان پيپلز پارٽي جو ٿيندو ڇاڪاڻ ته ان کان اڳ ميونسپل ڪميٽي جو چيئرمين ايم ڪيو ايم جو ٿيندو هو پر گذريل سال ٿيندڙ مڪاني چونڊن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي کي اڪثريت ملڻ کانپوءِ ميئر ۽ ڊپٽي ميئر پ پ پ جو ٿيندو

Leave A Comment