| پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي چيئرمين تي دٻاءُ وجهڻ جو الزام |
ڪراچي (م ڊ) پي ٽي آءِ اڳواڻ دعويٰ ڪئي آهي ته پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جي اڳوڻي سربراهه تي مختلف ادارن جي آڊٽ نه ڪرائڻ لاءِ دٻاءُ وڌو ويو. پي ٽي آءِ جي ايم اين اي ملڪ عامر ڊوگر نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته قومي اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جي اڳوڻي چيئرمين جنيد اڪبر کي فون ڪري دٻاءُ وڌو ويو ته ادارن جي آڊٽ نه ڪرايو. جنهن بعد هن کي چيئرميني تان هٽرايو ويو. ان موقعي تي ن ليگ اڳواڻ ۽ وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو ته جنيد اڪبر کي پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جي سربراهي تان علي امين گنڊاپور هٽرايو.