پبلڪ سروس ڪميشن امتحاني عملي کي ساڍا 14 لکن جو “ناشتو” ڪرايو

جُولاءِ 6, 2023

ڪراچي (رپورٽ: فقير سليم) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ گڏيل چٽا ڀيٽي وارو امتحان وٺڻ لاءِ نگراني ڪندڙ آفيسرن کي ساڍا 14 لک رپين جي ريفريشمينٽ ڪرائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، آڊٽ آبجيڪيشن تي انتظاميا جواب ڏيڻ کان لاچاري ظاهر ڪري ڇڏي

 ان ڏس ۾آڊيٽر جنرل آف پاڪستان جي رپورٽ مطابق سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران گڏيل چٽا ڀيٽي جي 2021ع واري امتحان ۾  اميدوارن جي نگراني لاءِ مقرر ڪيل آفيسرن کي ريفريشمينٽ ڪرائڻ جي نالي ۾ساڍا 14 لک روپيا خرچ ڪرڻ جو انڪشاف ڪيو ويو آهي

 رپورٽ مطابق  عملي لاءِ 14 لک 49 هزار رپين جو منرل واٽر، جوس ۽ ريفريشمينٽ جو سامان خريد ڪري قومي خزاني کي نقصان ڏنو ويو

آڊٽ رپورٽ  موجب امتحانن جي نگراني ڪندڙ عملي لاءِ رقم مختص ٿيل هوندي آهي، انهي باوجود بنا ڪنهن پاليسي جي ريفريشمينٽ جي مد ۾ رقم خرچ ڪرڻ ڪرپشن جي ذمري ۾ اچي ٿي، ساڳئي وقت اداري جي اندروني انتظامي ضابطڪاري جي ڪمزوري ظاهر ٿئي ٿي

 ان حوالي سان آڊٽ انتظاميا پاران فيبروري 2022ع ۾ پبلڪ سروس ڪميشن کان لکت ۾ پڇاڻو ڪيو ويو پر اداري پاران ڪو به جواب  نه ڏنو ويو، ان حوالي سان بار بار ڪوششن باوجود پبلڪ سروس ڪميشن جي چيئرمين محمد وسيم ڪال اٽينڊ نه ڪئي، جنهن سبب سندس موقف معلوم نه ٿي سگهيو

Leave A Comment