پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ، ايجوڪيشن ورڪس ۽ ڪي ايم سي ۾ ڪرپشن جو وڏو اسڪينڊل ظاهر

پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ، ايجوڪيشن ورڪس ۽ ڪي ايم سي ۾ ڪرپشن جو وڏو اسڪينڊل ظاهر

ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ ۾ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ، ايجوڪيشن ورڪس ۽ ورڪس اينڊ سروسز توڙي ڪي ايم سي ۾ مختلف ٺيڪن ۾ مبينا طور غبن جو اسڪينڊل ظاهر، اينٽي ڪرپشن کاتي جي اختيارين ڪرپشن ۾ مبينا طور ملوث ميسرز علي حسن سول اينڊ اليڪٽرڪ ورڪ نالي ڪمپني جي ٺيڪيدار خلاف جاچ شروع ڪري ڇڏي، ڄاڻايل ڪمپني پاران پبلڪ هيلٿ، ايجوڪيشن ۽ ڪي ايم سي توڙي ورڪس اينڊ سروسز کاتي جي چيف انجنيئرن ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين کي خط لکي ڄاڻايل ٺيڪيدار کي ٽن سالن ۾ جاري ڪيل ٺيڪن جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن. ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته سنڌ جي مختلف سرڪاري کاتن ۾ ٺيڪن جي رقم جاري ٿيڻ باوجود ميسرز علي حسن سول اينڊ اليڪٽرڪ ورڪ نالي ڪمپني خلاف رقم جاري ٿيڻ باوجود منصوبن جو ڪم مڪمل نه ڪرائڻ واري شڪايتن بعد اينٽي ڪرپشن کاتي جي اختيارين پاران ٺيڪيدار خلاف جاچ شروع ڪئي وئي آهي. ان حوالي سان اينٽي ڪرپشن جي اختيارين پاران ايجوڪيشن ورڪس، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ، ڪي ايم سي ۽ ورڪس اينڊ سروسز جي اختيارين کي خط لکي هدايت ڪئي وئي آهي ته گذريل ٽن سالن دوران ميسرز علي حسن سول اينڊ اليڪٽرڪ ورڪ نالي ڪمپني کي مليل ٺيڪن جا تفصيل حوالي ڪيا وڃن، اينٽي ڪرپشن جي جاچ اختيارين پاران لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته ڄاڻايل ڪمپني کي ڪهڙي وقت ڪهڙا ٺيڪا مليا ۽ ان جي رقم ڪيتري جاري ٿي؟ منصوبن تي ڪيترو ۽ ڪهڙي معيار جو ڪم ٿيو؟ ان جا سمورا تفصيل حوالي ڪيا وڃن جيئن جاچ کي اڳتي وڌائي سگھجي. ان حوالي سان ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب ته اينٽي ڪرپشن کاتي وٽ ڄاڻايل ڪمپني خلاف شڪايتون مليون هيون ته ڪروڙين روپين جا ٺيڪا ملڻ بعد رقم جاري ٿيڻ باوجود سرزمين تي اڻپورو ڪم ڪرايو ويو آهي. اهڙي شڪايت کان پوءِ اينٽي ڪرپشن پاران باضابطه جاچ شروع ڪئي وئي آهي.